اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔22 جولائی۔2016) قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو آهي ته موبائيل فون صارفين کان 14 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ 18 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي وصول ڪئي ويندي آهي، موبائيل فون صارفين جي لاءِ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي جي ڪا به تجويز غور هيٺ نه آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ڪلثوم پروين ۽ سينيٽر شاهي سيد جي سوالن جي جواب ۾ قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد ايوان کي ٻڌايو ته موبائيل فون صارفين کان 14 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ 18 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي وصول ڪئي ويندي آهي، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ 19.5 صوبائي سيلز ٽيڪس ۽ سنڌ ۾ 19 سيڪڙو جي حساب سان صوبائي سيلز ٽيڪس وصول ڪيو ويندو آهي، هن ٻڌايو ته 16 -2015ع جي دوران 5 ارب 99 ڪروڙ 40 لک روپيا انڪم ٽيڪس، 43 ارب روپين کان وڌيڪ وڌ هولڊنگ ٽيڪس ۽ هڪ ارب 26 ڪروڙ 80 لک روپيا سيلز ٽيڪس، ٽيلي ڪام ڪمپنين جمع ڪرايو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م15:43
موبائيل فون صارفين کان 14 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ 18 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي وصول ڪئي ويندي آهي: زاهد حامد
9 سال پھريان