موسمياتي تبديلي بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

موسمياتي تبديلي بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29نومبر2016ء) پاڪستان موسمياتي تبديلي بل 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وفاقي وزير زاهد حامد ايوان کي ٻڌايو آهي ته تازي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان موسمياتي تبديلين جي حوالي سان دنيا ۾ 7 نمبر تي اچي ويو آهي جيڪو ڳڻتي جوڳو آهي، ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ وفاقي وزير زاهد حامد پاڪستان موسمياتي تبديلي بل 2016ع پيش ڪيو، هن ٻڌايو ته دنيا ۾ صرف چار ملڪن ۾ اهڙو قانون آهي، هن ٻڌايو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين جي حوالي سان دنيا ۾ ستين نمبر تي اچي ويو آهي جيڪو ڳڻتي جوڳو آهي.