ملڪ ۾ ڪالعدم تنظيمون چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن: ثمن سلطانه جعفري

ملڪ ۾ ڪالعدم تنظيمون چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن: ثمن سلطانه جعفري

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29نومبر2016ء) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبر ثمن سلطانه جعفري چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪالعدم تنظيمون چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن، دهشتگردي جا وڏا واقعا ٿي رهيا آهن، نيشنل ايڪشن پلان تي گهرو وزير ايوان کي بريفنگ ڏي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ثمن سلطانه جعفري اعتراض واري نقطي تي چيو ته ڪوئيٽا سميت ٽي وڏا دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن، فرقن جي نالي تي ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي رهي آهي، ڪالعدم تنظيمن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت بابت گهرو وزير بريفنگ ڏي.