قرآن پاڪ جي ڇپائي ۽ رڪارڊنگ ۾ غلطين جي خاتمي لاءِ حڪومت هڪ جامع بل آڻي رهي آهي: پير امين الحسنات شاهه

قرآن پاڪ جي ڇپائي ۽ رڪارڊنگ ۾ غلطين جي خاتمي لاءِ حڪومت هڪ جامع بل آڻي رهي آهي: پير امين الحسنات شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29نومبر2016ء) مذهبي معاملن واري مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه چيو آهي ته قرآن پاڪ جي ڇپائي ۽ رڪارڊنگ ۾ غلطين جي خاتمي لاءِ حڪومت هڪ جامع بل آڻي رهي آهي، ان تي مشاورت جاري آهي، صرف پنجاب مان جواب مليو آهي، ٻين صوبن کان جواب اچڻو آهي، ان کي ملتوي ڪيو وڃي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ميجر (ر) طاهر اقبال رٿ پيش ڪئي ته قرآن پاڪ جي ڇپائي (طباعت ۽ ريڪارڊنگ مان غلطين جو خاتمو) (ترميمي) بل 2015ع غور هيٺ آندو وڃي، مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه چيو ته حڪومت ان حوالي سان هڪ جامع بل آڻي رهي آهي، اسان ان سلسلي ۾ سمورين ڌرين کي درخواست ڪئي آهي. صرف پنجاب جواب ڏنو آهي ٻين صوبن جو جواب اڃا اچڻو آهي، ان کي ملتوي ڪيو وڃي، ميجر (ر) طاهر اقبال چيو ته هڪ ڊگهي عرصي کان هي بل التوا ۾ آهي حڪومتي بل سان گڏ سندس بل به شامل ڪيو وڃي، ان جي لاءِ ڪوبه ٽائيم فريم به مقرر ڪيو وڃي، مملڪتي وزير پير امين الحسنات شاهه چيو ته ذاتي طور تي صوبن سان رابطو به ڪيو ويندو.