بحريه روم ۾ مهاجرن جي هڪ ٻي ٻيڙي ٻڏي ويئي، 21 عورتون فوت

بحريه روم ۾ مهاجرن جي هڪ ٻي ٻيڙي ٻڏي ويئي، 21 عورتون فوت

روم(پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) يورپ پاران مهاجر جو سفر اختيار ڪندڙ 21 عورتون ۽ هڪ مرد جي لاش هٿ ڪئي ويئي آهي اهي ماڻهو رٻڙ جي هڪ ٻيڙي ۾ ويهي اتر آفريڪا کان اٽلي پهچڻ جي ڪوشش ۾ هئا. بحريه روم ۾ گشت ڪندڙ ايم ايس ايف جي هڪ ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿيندڙ مهاجرين جي ٻن ٻيڙين کي ريسڪيو ڪيو اهي ٻئي ٻيڙيون هڪٻئي سان گڏ سفر ڪري رهيون هيون انهن ٻيڙين ۾ سوار 50 ٻارڙن سميت 600 ماڻهن کي بچايو ويو آهي ميڊيا رپورٽ مطابق ڊاڪٽرن جي بين الاقوامي امدادي تنظيم ايم ايس ايف چيو ته لبيا جي ساحلي حدن ۾ حادثي جو شڪار ٿيندڙ هڪ ٻيڙي مان 23 لاشون هٿ ڪيو ويون آهن ٻڌايو ويو ته اهي ماڻهو رٻڙ جي هڪ ٻيڙي کي پيش ايندڙ حادثي سبب فوت ٿيا. گذريل ڏينهن به تقريبن 600 ماڻهن کي ان خطرناڪ سامونڊي سفر دوران بچايو ويو جيڪو ٻيڙين ذريعي اٽلي پهچڻ جي ڪوشش ۾ هئا.