سيد يوسف رضا گيلاني جي فيصل ايڌي سان ملاقات، عبدالستارايڌي جي فوتگي تي تعزيت جو اظهار

سيد يوسف رضا گيلاني جي فيصل ايڌي سان ملاقات، عبدالستارايڌي جي فوتگي تي تعزيت جو اظهار

ڪراچي (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني خميس تي ايڌي آفيس ميٺادر ۾ فيصل ايڌي سان ملاقات ڪئي ۽ عبدالستار ايڌي جي وفات تي تعزيت ۽ فاتحه خواني ڪئي آهي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهايئندي سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته عبدالستار ايڌي سڄي دنيا جو اثاثو هو عوام کي گهرجي ته هو اهڙن ماڻهن کي چونڊي جيڪي انهن جي اميدن جي ترجماني ڪري سگهن مان وزيراعظم پاڪستان جي حيثيت سان عبدالستار ايڌي کي نوبل پرائز ڏيڻ لاءِ لکيو هو هن چيو ته جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي ان وقت کان عدالتن سان منهن ڏيئي رهيو آهي اسان 1973 جي آئين مطابق ادارن کي مضبوط ڪيو جيڪڏهن ادارا آئين جي دائري ۾ رهي ڪم ڪن ته ڪوئي مسئلو نه ٿيندو. هن چيو ته مون تي ڪوڙا ڪيس ٺاهي ۽ سزا ڏني ويئي بعد ۾ باعزت آزاد ٿي ويس جنهن کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر ڪيس ٺاهڻ شروع ڪيا ويا جيڪي انصاف تي ٻڌل نه آهن.