ڪراچي، سچل مان پنج دهشتگرد گرفتار

ڪراچي، سچل مان پنج دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) ڪراچي جي علائقي سچل مان پنج دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا ۽ انهن وٽان هٿيار به هٿ ڪيا ويا جڏهن ته بوٽ بيسن جي ويجهو ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو سچل جي علائقي ۾ پوليس جي ڪارروائين دوران 5 مبينه دهشتگرد گرفتار ڪيا ويا پوليس مطابق گرفتار ڏوهارين مان ٽن جو تعلق ڪالعدم تنظيم سان آهي. ڏوهارين جي قبضي مان 2 ڪلو ڌماڪيدار مواد ۽ پنج پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن ڪراچي جي علائقي بوٽ بيسن ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي جن وٽان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن پوليس مطابق انهن ڏوهارين جو تعلق ست رڪني گروهه سان آهي جيڪي لٽمار جي وارداتن ۾ ملوث آهن. ڏوهارين ڪيترن ئي ڌاڙن جو اعتراف ڪيو آهي ڪراچي جي علائقي منگهوپير ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 4 غير قانوني طور تي رهندڙ باشندن کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جو تعلق افغانستان سان آهي.