سنڌ ۾ رينجرز هاڻي مهمان فورس آهي، سنڌ جو گهرو کاتو

سنڌ ۾ رينجرز هاڻي مهمان فورس آهي، سنڌ جو گهرو کاتو

ڪراچي (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) سنڌ ۾ رينجرز جو قيام ۽ خصوصي اختيارن جو مدو ختم ٿيڻ کان پوءِ رضاڪار فورس بڻجي ويئي آهي سنڌ جي گهرو کاتي چيو آهي ته رينجرز هاڻي سنڌ مهمان فورس آهي جيڪا هيڊڪوارٽرز ۽ چوڪين تائين محدود رهندي. سنڌ جي گهرو کاتي مطابق آئين جي آرٽيڪل 147 تحت صوبي ۾ رينجرز جي قيام جو فيصلو نه ٿي سگهيو دهشتگردي ايڪٽ جي سيڪشن 4 جي تحت رينجرز وٽ پوليس جا خاص اختيار به نه رهيا آهن رينجرز کي 90 ڏينهن جي لاءِ ڏوهارين کي تحويل ۾ رکڻ جا اختيارن جو مدو 14 جون تائين ختم ٿي ويو رينجرز هاڻي هيڊڪوارٽر چوڪين جي حد تائين رهندي. سنڌ جي گهرو کاتي مطابق رينجرز جا خاص اختيار ۽ صوبي ۾ قيام جو فيصلو هاڻي قانونسازي سان ٿيندو ان حوالي سان قانون وارو کاتو ڊرافٽ تيار ڪري رهيو آهي. ان ۾ قانوني ماهر صلاح مشورو ڪندا. رينجرز جي خرچن جي لاءِ هلندڙ مالي سال بجيٽ ۾ 4 ارب رپيا رکيا ويا آهن.