قومي اسيمبلي جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) قومي اسيمبلي جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي آٽو موبائيل انڊسٽري جي بند يونٽن کانسواءِ نئين يونٽن کي به مراعتون ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن ڪميٽي جي چيئرمين اسد عمر جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز ۾ ٿيو، اجلاس ۾ 13 -2012ع جي لاءِ چين جي برآمد تي ان لينڊ فريٽ سبسڊي (آءِ ايف ايس) تي غور ڪيو ويو ۽ ان سلسلي ۾ شوگر پاليسي جو تفصيل سان جائزو وٺڻ جي سفارش ڪئي وئي، اسٽينڊنگ ڪميٽي نئين آٽو پاليسي 21-2016ع جو به جائزو ورتو ۽ سفارش ڪئي ته آٽو موبائيل انڊسٽري جي لاءِ مراعتون نه صرف بند يونٽن پر نئين قائم ٿيندڙ يونٽن کي به ڏنيون وڃن. اسٽيڊنگ ڪميٽي پاڪستان اسٽيل ملز جي صورتحال جو به جائزو ورتو ۽ ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان اسٽيل مل جيڪا گذريل سال 12 سيڪڙو جي صلاحيت سان ڪم ڪري رهي هئي اها هاڻي زيرو سيڪڙو تي اچي وئي آهي جيڪو ان وڏي قومي اثاثي جي حوالي سان انتهائي تڪليف ڏيندڙ صورتحال آهي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر سردار منصب علي ڊوگر، سيد محمد اصغر، چوڌري رياض الحق، صاحبزاده نظير سلطان، عمران احمد شاهه، ساجده بيگم، مولانا گوهر شاهه، الحاج شاهه جي گل آفريدي، رانا قاسم ۽ افتخار الدين کانسواءِ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. اي پي پي/ص –