سرڪاري ملازمتن ۾ بلوچستان جي ڪوٽا وڌائي 6 سيڪڙو ڪئي وئي آهي:شيخ آفتاب احمد

سرڪاري ملازمتن ۾ بلوچستان جي ڪوٽا وڌائي 6 سيڪڙو ڪئي وئي آهي:شيخ آفتاب احمد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو آهي ته سرڪاري ملازمتن ۾ بلوچستان جي ڪوٽا وڌائي 6 سيڪڙو ڪئي وئي آهي ۽ ان جي ترقي جي عمل ۾ ڪا به ڪوٽا ناهي هوندي، خميس ڏينهن سينيٽ ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر حافظ حمد الله،اعظم سواتي، عتيق شيخ، سردار اعظم موسيٰ خيل، ۽ طاهر مشهدي جي سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير ٻڌايو ته سرڪاري ملازمتن ۾ بلوچستان جي ڪوٽا وڌائي 6 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، اين ايڇ اي ۾ 55 آفيسرن کي ميمبر طور ۽ جنرل مينيجر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گريڊ 15 کان 22 تائين جي ملازمن جو انگ 651 آهي، هن چيو ته اين ايڇ اي ۾ مختلف منصوبن لاءِ به آفيسرن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون آهن، سرڪاري آفيسرن جي ترقي جي عمل ۾ ڪا به ڪوٽا ناهي هوندي، هن چيو ته جنرل مينيجر ۽ ميمبر ٽيڪنيڪل ماڻهو هوندا آهن ان ۾ صوبائيت جو ڪو به مسئلو نه آهي، اهو ملڪ جو معاملو آهي، هن چيو ته صوبن جي تازي اجلاس ۾ ڪنهن چيف سيڪريٽري ڪوٽا ۾ گهٽتائي جي ڪا گلا ناهي ڪئي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:39