حڪومت پاران فيڊرل لاجز ۾ غير مستحق الاٽيز جي فهرست قومي اسيمبلي ۾ پيش

حڪومت پاران فيڊرل لاجز ۾ غير مستحق الاٽيز جي فهرست قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 24نومبر2016ء) حڪومت فيڊرل لاجز ۾ غير مستحق الاٽيز جي فهرست قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، 11 صحافين سميت 15 غير مستحق ماڻهو فيڊرل لاجز ۾ رهائش پذير آهن، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران پيش ڪيل تفصيلن موجب فيڊرل لاجز ۾ غير قانوني رهندڙ 11 صحافين ۾ رائو خليل احمد، زاهد عيسيٰ، صديق انظر، سيد محسن رضا ۽ وسيم سجاد ، غلام حيدر کوکر، مهوش فخر، اشتياق خان بنگش، رائو محمد تقي ۽ مجيد افضل خان غير مستحق الاٽيز ۾ شامل آهن، يو بي ايل برانچ جو مينيجر تسليم ممتاز، ڪوآرڊينيٽر مهه جبين، يو اين ڊي پي جي ساجده نورين به غير مستحق الاٽيز ۾ شامل آهن.