قومي اسيمبلي پاران ايل او سي تي ڀمبر سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ خلاف مذمتي قرارداد متفقه طور تي منظور

قومي اسيمبلي پاران ايل او سي تي ڀمبر سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ خلاف مذمتي قرارداد متفقه طور تي منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18نومبر2016ء) قومي اسيمبلي ايل او سي تي ڀمبر سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي هروڀرو جي فائرنگ خلاف مذمتي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ 7 پاڪستاني فوجين شهادت ماڻي، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير چوڌري محمد برجيس طاهر قرارداد پيش ڪئي ته هي ايوان ڀارت جي ايل او سي ڀمبر سيڪٽر ۾ اشتعال انگيز فائرنگ جي شديد مذمت ڪري ٿو، قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ان واقعي سان سرحدن تي تڪرار ۽ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيندو ۽ هي ايوان پاڪ فوج جي جرئت ۽ بهادري تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، وطن عزيز تي پنهنجون جانيون نڇاور ڪندڙ پاڪ فوج جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪري ٿو. قومي اسيمبلي قرارداد جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي، ان قرارداد تي برجيس طاهر، سيد نويد قمر، محمود خان اچڪزئي، ڊاڪٽر فاروق ستار، شاهه جي گل آفريدي کانسواءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي 10 قومي اسيمبلي جي ميمبرن جون به صحيحون آهن.