ڪمپنيون آرڊيننس 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

ڪمپنيون آرڊيننس 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18نومبر2016ء) ڪمپنيون آرڊيننس 2016ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ آف شور ڪمپنيون، دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ جهڙن معاملن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته 32 سال پراڻي ڪمپني آرڊيننس سبب اسان دنيا کان پوئتي رهجي ويا هئاسين، نئين بل جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪمپنين جي بورڊ اجلاس وڊيو لنڪ ذريعي ٿي سگهندا. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار نئون ڪمپنيون آرڊيننس 2016ع پيش ڪيو، آرڊيننس جا مقصد بيان ڪندي هن چيو ته هن کان پهرين ڪمپني آرڊيننس 1984ع لاڳو آهي، جيڪو بيڪار ٿي چڪو آهي، جنهن سبب اسان دنيا کان پوئتي رهجي ويا آهيون، نئين بل جي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪمپنين جي بورڊ جو اجلاس وڊيو لنڪ جي ذريعي ٿي سگهندا ۽ ان کانسواءِ ريئل اسٽيٽ جي سيڙپڪارن جي تحفظ جي حوالي سان به قدم کنيا ويا آهن، جديد دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ان قانون ۾ سڀني ڌرين کان راءِ وٺي تبديليون ڪيون ويون آهن، هن چيو ته بل ۾ آف شور ڪمپنين جي حوالي سان به تبديليون ڪيون ويون آهن، دهشتگردن جي مالي مدد ۽ مني لانڊرنگ جهڙن معاملن جو به بل ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. اهو آرڊيننس گذريل جمعي کان ملڪ ۾ لاڳو ٿي چڪو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ان بل جو ڪميٽين ۾ جائزو ورتو وڃي ته جيئن جلد کان جلد اهو منظور ڪري ان کي بل جي صورت ۾ مستقل قانون جو درجو حاصل ٿي سگهي.