سينيٽ جي ڊيوولوشن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي ڊيوولوشن بابت فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

ڪراچي (پاکستان نیوز پوائنٹ 9نومبر2016ء) سينيٽ جي ڊيوولوشن بابت فنڪشنل ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مير ڪبير محمد احمد شاهي چيو آهي ته ارڙهين ترميم جي اصل روح موجب صوبن کي اختيارن جي منتقلي اسان جو هدف آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته صوبن جا خدشا ختم ڪري کين مڪمل بااختيار بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي آفيس ۾ اجلاس جي صدارت ۽ ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پارليامينٽ جي فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ اسان جو اصل ڪم آهي، هن چيو ته 2010ع ۾ ارڙهين ترميم جي ذريعي 17 وزارتون صوبن ڏانهن منتقل ڪيون ويون پر اڃان تائين ڪجهه وزارتن جي مڪمل منتقلي تي عملدرآمد باقي آهي ۽ ان حوالي سان صوبن جا خدشا برقرار آهن ۽ اسان هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين ته سمورين ڌرين جا خدشا ختم ڪيا وڃن، هن چيو ته ارڙهين ترميم جو مقصد هي هو ته اختيارن کي ضلعي ۽ يونين ڪائونسل جي سطح تي منتقل ڪيو وڃي، ڪميٽي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ کانپوءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو ڪردار اهم آهي پر بدقسمتي سان ان جا اجلاس باقاعدگي سان ناهن ٿي رهيا، ان موقعي تي ڳالهائيندي سينيٽر سسئي پليجو چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي بهتر سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت جي فروغ جي لاءِ اٽلي، جاپان ۽ اسپين سان معاهدا ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي سينيٽر عطاءُ الرحمان چيو ته روين ۾ بهتري آڻڻ کانسواءِ مسئلا حل نه ٿا ڪري سگهجن، وفاق ۽ صوبن کي پاڻ ۾ رابطا مضوبط ڪرڻا پوندا ته جيئن سٺي انداز ۾ اختيارن جي منتقلي جو مرحلو مڪمل ٿي سگهي، اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن سينيٽر نوابزاده سيف الله مگسي، طاهر حسين مشهدي، نثار حسين، تاج حيدر، محمد عثمان خان ڪاڪڙ، سعيد غني کانسواءِ سنڌ جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، ممتاز جکراڻي، عبدالقيوم سومرو ۽ پاپوليشن ويلفيئر، صحت، قانون، آءِ پي سي، زڪوات ۽ عشر، اسپورٽس، ايمپلمينٽشن اينڊ ڪو واڊينيشن، جنرل ايڊمنسٽريشن، منارٽي افيئر، انرجي، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ ۽ بين وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪميٽي جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن به منعقد ٿيندو جنهن ۾ وفاقي وزير پورٽ اينڊ شپنگ وارو وزير ۽ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت جو سيڪريٽري گڏاڻي ۾ ناڪاره بحري جهاز ۾ لڳندڙ باهه بابت بريفنگ ڏيندا.