وزيراعظم پاران آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ جي ٽرمپ کي مبارڪون

وزيراعظم پاران آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ جي ٽرمپ کي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 9نومبر2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ جي ٽرمپ کي صدارتي چونڊن 2016ع ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هو ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، جڏهن ته پاڪستان آمريڪا سان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اربع ڏينهن نئين چونڊيل آمريڪي صدر جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ پنهنجي پاران ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪا جي عوام کي آمريڪا جي 45 هين صدر جي حيثيت سان ان جي چونڊ تي پرخلوص مبارڪباد ڏني، وزيراعظم نواز شريف چيو ته سندس چونڊ حقيقت ۾ آمريڪا جي عوام ۽ ان جي جمهوريت، آزادي، انساني حقن ۽ آزاداڻي انٽرپرائيز جي تصورن تي پڪي يقين جي فتح آهي، سڀني کان اهم ڳالهه اها آهي ته ان جي شاندار ڪاميابي ان يقين جو مظهر آهي ته آمريڪا جو عوام پنهنجي عظيم ملڪ جي خدمت لاءِ ان جي قيادت بصيرت ۽ عظمت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته گذريل ستن ڏهاڪن کان پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل حصيدار آهن، جنهن جو پاڙون آزادي، جمهوريت، گڏيل احترام ۽ گڏيل مفادن جي هڪ جهڙي تصورن ۾ کتل آهن، هن چيو ته اسان جو پختو يقين آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط حصيداري وسيع تر خطي ۾ پائيدار امن، سلامتي ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ضروري آهي، جنهن کي پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ استحڪام جي لاءِ اهميت حاصل رهندي. وزيراعظم چيو ته هو آمريڪا سان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ گهري بڻائڻ جي حڪومتي عزم کي ورجائي ٿو جيڪو ٻنهي قومن جي امنگن جو عڪاس هجي. وزيراعظم چيو ته هو ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۽ خطي ۾ ان کان ٻاهر امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي گڏيل حصيداري کي اهم ذريعي طور استعمال ۾ آڻڻ لاءِ نئين چونڊيل آمريڪي صدر سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.