قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7نومبر2016ء) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس سومر ڏينهن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد نويد قمر جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن جنيد انوار چوڌري، ڊاڪٽر زرين ۽ ميان منان سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ناڻي واري وزارت، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت، ڪشمير معاملن بابت 03-2002ع جي التوا هيٺ آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو، ڪميٽي ڪشمير معاملن جي سيڪريٽري جي غير موجودگي جو نوٽيس ورتو جنهن تي وزارت پاران چيو ويو ته ان کي هڪ مهينو اڳ چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا لڳايو ويو آهي ۽ اڃا تائين ڪو نئون سيڪريٽري ناهي مقرر ڪيو ويو، پي اي سي جي ڪنوينر سيد نويد قمر چيو ته اسان پرنسپل اڪائونٽ آفيسر کانسواءِ وزارت جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو نٿا وٺي سگهون، پي اي سي قومي غذائي تحفظ واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن کي اڪلائي ڇڏيو، پي اي سي ناڻي واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن کي به اڪلائي ڇڏيو، پي اي سي ناڻي واري وزارت جي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته ناڻي وارو سيڪريٽري اجلاس ۾ ڇو ناهي آيو، جنهن تي پي اي سي کي ٻڌايو ته هو وزيراعظم هائوس ۾ مصروف آهي، ڪميٽي جي ڪنوينر سيد نويد قمر چيو ته جيڪڏهن هو پنج منٽن ۾ اچي وڃي ته اسان ان جو انتظار ڪري وٺون ٿا، ناڻي واري وزارت جي آفيسرن چيو ته ان ڳالهه جي هو ضمانت نٿا ڏئي سگهن، هو پنجن منٽن ۾ اچي ويندو، ان تي ڪميٽي جي ڪنوينر سيد نويد قمر ۽ ٻين ميمبرن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، سيد نويد قمر پي اي سي سيڪريٽريٽ کي هدايت ڪئي ته بيورو ڪريسي جي ان رويي تي خط لکيو وڃي، اسان پي اي سي جي چيئرمين کي به ان حوالي سان لکت ۾ درخواست ڪنداسين ته ان معاملي جو سخت نوٽيس ورتو وڃي.