سينيٽ جي رياستي ۽ سرحدي معاملن بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي رياستي ۽ سرحدي معاملن بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 7نومبر2016ء) سينيٽ جي رياستي ۽ سرحدي معاملن بابت ذيلي ڪميٽي فاٽا سيڪريٽريٽ جي عملدارن کي ڏکڻ وزيرستان ۾ ترقياتي اسڪيمن بابت مڪمل معلومات فراهم نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر صالح محمد شاهه جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. سيفران واري وزارت جي عملدارن ڏکڻ وزيرستان ۾ ختم ڪيل ترقياتي اسڪيمن تي بريفنگ ڏني، ڪميٽي جي ڪنوينر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته منهنجي معلومات موجب ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪل 109 ترقياتي اسڪيمون ختم ٿيون آهن جنهن تي فاٽا سيڪريٽريٽ جي عملدارن چيو ته اسان وٽ ان حوالي سان تفصيل موجود نه آهن جنهن تي ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڪنوينر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته فاٽا عملدارن کي معلومات لاءِ خط لکيو ويو هو پر ان حوالي سان اڄ تائين معلومات ناهي فراهم ڪئي وئي، ڪميٽي ڏکڻ وزيرستان جي ختم ڪيل ترقياتي اسڪيمن نان اي ڊي پي منصوبن ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، ان موقعي تي سيفران واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري طارق حيات ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڏکڻ وزيرستان ۾ 36 نوان پرائمري اسڪول تعمير ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪي پي جي گورنر تعليمي پروگرام تحت فاٽا ۾ ماڊل اسڪول به ڪم ڪري رهيا آهن، اجلاس ۾ هدايت الله، سينيٽر ساجد حسين طوري، سيفران واري وزارت جي سينئر جوائنٽ سيڪريٽري طارق حيات، سوشل ويلفيئر فاٽا سيڪريٽريٽ جو سيڪريٽري ۽ ڏکڻ وزيرستان جي پوليٽيڪل ايجنٽ محمد ظفر الله خان اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.