ملڪ ۾ قابل تجديد توانائي جي پيداوار جا تمام گهڻا وسيلا موجود آهن: وزيراعظم عمران خان

ملڪ ۾ قابل تجديد توانائي جي پيداوار جا تمام گهڻا وسيلا موجود آهن: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز28دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ قابل تجديد توانائي جي پيداوار جا تمام گهڻا وسيلا موجود آهن، پاڪستان قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ آيل انقلاب ۾ حصو بڻجڻ چاهي ٿو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب هن اها ڳالهه ماحوليات واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم ۽ انٽرنيشنل رينيوايبل انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل عدنان امين سان ڳالهائيندي چئي جن ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان قدرت جي فراهم ڪيل نعمتن، سج، پاڻي ۽ هوا سان مالامال ملڪ آهي ۽ ملڪ ۾ قابل تجديد توانائي جي پيداوار جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. پاڪستان قابل تجديد انرجي جي شعبي ۾ آيل انقلاب جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وڻن، ٻيلن جي فروغ ۽ قابل تجديد توانائي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.