وزيراعظم عمران خان سان چوڌري شجاعت حسين جي ملاقات

وزيراعظم عمران خان سان چوڌري شجاعت حسين جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز28دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان سان سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي وزيراعظم چوڌري شجاعت حسين ڪالهه جمعي ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر چوڌري مونس الاهي پڻ موجود هئا، سياسي معاملن وارو خصوصي معاون نعيم الحق پڻ ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو جڏهن ته مخالف ڌر جي منفي رويي جو مقابلو ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ پڻ ٿي.