احتساب جي نالي تي مخالف ڌر کي نشانو بڻايو پيو وڃي: شيري رحمان

احتساب جي نالي تي مخالف ڌر کي نشانو بڻايو پيو وڃي: شيري رحمان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز24دسمبر 2018ء) سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته احتساب جي نالي تي مخالف ڌر کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اسان ڇوٽ نٿا گهرون، احتساب ڪرڻو آهي ته بنا فرق جي ڪريو، سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ اعتراض واري نقطي تي هن چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته جي آءِ ٽي ڪهڙي طرح ٺاهي وئي آهي، اسان هڪ پروفيسر جو هٿڪڙي لڳل لاش ڏٺو اهو ڪهڙو احتساب آهي. احتساب جي نالي تي مخالف ڌر کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ وزير فيصلن بابت اڳواٽ ڳالهه ڪندا آهن، انهن کي ڪيئن خبر آهي ته ڪهڙو فيصلو اچڻ وارو آهي، اسان ڇوٽ نٿا گهرون پر بنا ڪنهن فرق جي احتساب جو مطالبو ڪريون ٿا. سينيٽر طاهره بزنجو چيو ته احتساب جي اسان مخالفت نٿا ڪريون پر احتساب ٽارگيٽيڊ نه هئڻ گهرجي.