جيستائين احتساب نه ٿيندو ۽ حڪمران پنهنجو پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش نه ڪندا ته اهو ملڪ نه هلندو: شبلي فراز

جيستائين احتساب نه ٿيندو ۽ حڪمران پنهنجو پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش نه ڪندا ته اهو ملڪ نه هلندو: شبلي فراز

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز24دسمبر 2018ء) قائدايوان سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر هر معاملي ۾ پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي بالادستي کي کڻي ايندي آهي ۽ ڳالهه ڪري واڪ آئوٽ ڪرڻ انهن جي عادت بڻجي وئي آهي، جڏهن ڳالهه ڪندا آهن ته جواب ٻڌڻ جو به حوصلو هجڻ گهرجي، جيستائين احتساب نه ٿيندو ۽ حڪمران پنهنجو پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش نه ڪندا ته هي ملڪ نه هلندو. نه اسان ڪنهن کي ڊيڄاري رهيا آهيون ۽ نه لالچ ڏئي رهيا آهيون، نيب ۽ سپريم ڪورٽ جي ڪم ۾ نه مداخلت ڪئي آهي نه ڪنداسين. سومر ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر شيري رحمان جي عوامي اهميت جي معاملي جو جواب ڏيندي شبلي فراز چيو ته مخالف ڌر چوندي آهي ته احتساب هڪ طرفو ٿي رهيو آهي ۽ ان جي ذميوار پي ٽي آءِ حڪومت آهي، جيتوڻيڪ نواز شريف پاڻ پنهنجي حڪومت جي دور ۾ پنهنجو پاڻ کي انڪوائري جي لاءِ پيش ڪيو هو ۽ جڏهن سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ٺاهي ته ان تي خوشي جو اظهار ڪيو هو ۽ مٺايون ورهايون ويون، هن چيو ته جڏهن هو نااهل ٿيو ته ان وقت ان جي پنهنجي حڪومت هئي پوءِ شاهد خاقان عباسي به هڪ سال وزيراعظم رهيو ۽ عدالت پاران جيڪي به فيصلا آيا آهن يا ايندا ان سان پي ٽي آءِ جو تعلق نٿو بڻجي، پر اسان جي پارٽي احتساب جي حامي آهي، گذريل 10 سالن دوران سندن حڪومت رهي آهي ان تي انهن کي جوابده ٿيڻ گهرجي، خيبرپختونخواهه ۾ اسان جي حڪومت هئي ته اسان جا وزير اڄ به احتساب لاءِ پيش ٿيندا آهن، پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ انهن پنهنجي ماڻهن کي لڳايو، هاڻي پي ٽِي آءِ احتساب جي ادارن جي حمايت ڪهري ٿي، اسان جو مقصد آهي ته ڪيسز ۽ ريفرنس ڪنهن دٻاءُ کانسواءِ اڳتي وڌن، نه اسان ڪنهن کي ڊيڄاري رهيا آهيون نه ئي لالچ ڏئي رهيا آهيون، جيستائين احتساب نه ٿيندو ۽ حڪمران پنهنجو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش نه ڪندا ته هي ملڪ نه هلندو، ملڪ جي بقاءُ انهي ۾ آهي جن اڳواڻن اقتدار ۾ اچي پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي ساٿين کي نوازيو انهن جو احتساب ٿئي، هن چيو ته اڄ اهي پارليامينٽ جي ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل بدران پنهنجي اڳواڻن جي حمايت لاءِ عدالتن ٻاهران بيهڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته ڇا عوام انهن کي ان ڪم جي لاءِ چونڊيو آهي، 2008ع کان 2013ع تائين پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي، ان ۾ بينظير ڀٽو جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ ۽ جاچ کي پڄاڻي تائين نه پهچايو ۽ بينظير ڀٽو جهڙي عظيم اڳواڻ کي به وساري ڇڏيو، هن چيو ته اومني گروپ جو ڪيس 2015ع ۾ شروع ٿيو هو ان ڪيس سان اسان جو ڪو به تعلق نٿو ٺهي، بلاول هائوس لاهور جي لاءِ 17 ارب روپيا انهن ڏنا، اڃا وڌيڪ به ڏيڻا آهن. سنڌ جا ڪل اثاثا 14 ارب روپيا آهن ۽ 24 ارب روپين جا هنن اومني گروپ کي قرض ڏنو آهي، 4 ارب روپين کان وڌيڪ هو قرض نٿا ڏئي سگهن. هن چيو ته هي بهادر بڻجن، جنهن به ڪرپشن ڪئي آهي ان کي سزا ملڻ گهرجي، شبلي فراز چيو ته نيب ۽ سپريم ڪورٽ ۾ نه اسان مداخلت ڪري رهيا آهيون نه ڪنداسين، عوام ۾ بي چيني پکيڙڻ لاءِ اهي جمهوريت کي خطري جي ڳالهه ڪن ٿا، اهو نٿو ٿي سگهي ته جيڪي ماڻهو سياست ۾ آهن اهي جوابده نه هجن، عوامي اعتماد کي نقصان پهچائيندڙ ۽ ڪرپشن ڪندڙن کي سزا ملڻ گهرجي، سڀئي سياسي پارٽيون احتساب جي عمل ۽ احتساب جي ادارن جي حمايت ڪن.