نوجوانن خاص طور تي شاگردن کي معاشري ۾ بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

نوجوانن خاص طور تي شاگردن کي معاشري ۾ بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

ڪراچي (پاکستان پوائنٹ نیوز21دسمبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انساني عقل ۽ مصنوعي ذهانت جي ڳانڍاپي کي موجوده وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته نوجوانن خاص طور تي شاگردن کي معاشري ۾ بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج اعليٰ معيار جي تعليم فراهم ڪري ملڪ جي تعليمي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه جمعي ڏينهن پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج جي 30 هين ڪانووڪيشن کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پاڪ بحريه پاران جاري بيان موجب ڪانووڪيشن ۾ 339 شاگردن کي ڊگريون ڏنيون ويون، 3 شاگردن کي پي ايڇ ڊي ڊگريون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شاگردن کي معاشري ۾ بهتري جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج اعليٰ معيار جي تعليم جي فراهمي ذّريعي ملڪ جي تعليمي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته انساني عقل ۽ مصنوعي ذهانت جو ڳانڍاپو موجوده وقت جي اهم ضرورت آهي. صدر چيو ته گريجوئيشن ڪندڙ شاگرد مبارڪباد جا مستحق آهن، نيوي انجنيئرنگ ڪاليج جي ڪاميابين متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ کوجنا جي شعبي جي وڏي اهميت آهي، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ترقي ٿي، اسان کي به کوجنا ۽ ترقي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏيڻو آهي ته جيئن موجوده وقت جي چئلينجن کي موثر انداز ۾ منهن ڏئي سگهون.