مديني جي رياست ۾ تعليم ۽ هيٺئين ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏنو ويو: وزيراعظم عمران خان

مديني جي رياست ۾ تعليم ۽ هيٺئين ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏنو ويو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز21دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست ۾ تعليم ۽ هيٺئين ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي تي خاص ڌيان ڏنو ويو، مديني جي رياست جي ماڊل جي پيروي ڪندي موجوده حڪومت انساني وسيلن جي ترقي ۽ معاشري مان غربت جي خاتمي جي لاءِ تعليم خاص طور تي اعليٰ تعليم جي شعبي کي اولين اهميت ڏئي رهي آهي، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي ۾ بدلائڻ جو مقصد به تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ حڪمران طبقي ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ڪرڻ آهي، معاشي صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي، احتساب مهم جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ رقم کي تعليم جي شعبي تي خرچ ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن هتي وزيراعظم هائوس ۾ اسلام آباد نيشنل يونيورسٽي جي افتتاحي ڪانفرنس ۾ ”پاڪستان جي لاءِ اڀرندڙ چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي خطاب ڪندي چئي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وزيراعظم عمران خان پهرين ئي ڏينهن وزيراعظم هائوس کي جديد ترين يونيورسٽي بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ اها تقريب ان سلسلي ۾ اولين تدريسي سرگرمي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته شوڪت خانم ميموريل اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي وانگر اسلام آباد نيشنل يونيورسٽي کي به سينٽر آف ايڪسيلينس بڻايو ويندو. ان اداري ۾ حڪومتي مداخلت نه هوندي ۽ اهو خودمختيار هوندو جتي ميرٽ کي ترجيح ڏني ويندي. وزيراعظم چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ ملڪ جي ٻين سڀني يونيورسٽين کي تعليم ۽ خاص طور تي اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ حڪومت مڪمل تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته ننڍپڻ کان وڏا وڏا گورنر هائوسز ۽ حڪمران طبقي جا وڏا شاهاڻا گهر ڏسندو آيو آهيان پر برطانيا ۾ حڪمرانن جي رهائشگاهه ڏسي منهنجي ذهن ۾ بنيادي تبديلي آئي، هن چيو ته آزادي ملڻ کانپوءِ ملڪ ۾ تعليمي شعبي تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويو ۽ ان کي بري طرح نظرانداز ڪيو ويو. صحت جو شعبو به نظرانداز ڪيو ويو ۽ ٻارن جي غذائي کوٽ سبب انهن جي مناسب واڌويجهه ٿيڻ تمام وڏو مسئلو آهي، ملڪ ۾ 43 سيڪڙو ٻار اسٽنٽڊ گروٿ جو شڪار آهن جيڪو افسوسناڪ آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ عوام جي ٽيڪس جي پئسن کي حڪمرانن پنهنجي شاهاڻي طرز زندگي جي لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪفايت شعاري ۽ سادگي کي فروغ ڏئي رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ نوجوانن ۾ خصوصي طور تي شعور بيدار ڪيو ويندو ته جيئن هو ٽيڪس جي پئسي جي غلط استعمال جي خلاف آواز اٿارين، هن چيو ته علامه اقبال جڏهن اسلامي فلاحي رياست جي قيام جي ڳالهه ڪندو هو ته ان جي پيش نظر هڪ ئي ماڊل هو ۽ اهو مدينه جي رياست جو ماڊل هو. موجوده حڪومت به انهي مدينه جي رياست جي ماڊل کي نظر ۾ رکيو آهي ته جيئن پاڪستان کي حقيقي معنيٰ ۾ هڪ فلاحي اسلامي رياست ۾ تبديل ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته مدينه جي رياست ۾ حڪمرانن عوام جي پئسي کي پنهنجي ذات تي خرچ ناهي ڪيو، هن چيو ته تعليم کانسواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، ان ڏس ۾ علم تي ٻڌل معيشت خصوصي اهميت رکي ٿي. انساني وسيلن کي ترقي ڏئي معاشرا اڳتي وڌي سگهن ٿا ۽ تعليم جي ذريعي انساني وسيلن کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي، ان سان گڏوگڏ معاشري مان غربت ختم ڪرڻ به ضروري آهي، ان سلسلي ۾ هن چين جو مثال پيش ڪيو جتي 77 ڪروڙ عوام کي غربت مان ڪڍيو ويو، مديني جي رياست ۾ به هيٺئين طبقي کي مٿي کنيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي بڻائڻ جي پٺيان اهو مقصد هو ته اسان کي پنهنجو رخ درست ڪرڻو آهي ۽ ماڻهن کي اهو پيغام ڏيڻ هو ته ملڪ جي مهانگي ترين ۽ بهترين مقام کي درسگاهه ۾ تبديل ڪيو ويندو ته جئين تعليم جي اهميت کي اجاگرڪري سگهي. هن چيو ته مديني جي رياست ۾تعليم جي اهميت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ جنگ بدر جي موقعي تي گرفتار ٿيندڙ قيدين کان پئسي جي بدلي آزادي ڏيڻ بدران انهن کي چيو ويو ته قيدين ۾ موجود پڙهيل لکيل ماڻهو 10 ٻارن کي تعليم ڏئي آزادي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ان سان واضح ٿئي ٿو ته رياست مديني ۾ تعليم کي ڪيتري اهميت ڏني ويندي هئي، هن چيو ته انهي طرح مديني جي رياست ۾ زڪوات جي نظام کي خصوصي اهميت ڏني وئي جنهن جو مقصد غريب طبقي جي ڀلائي هو. هن چيو ته وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ جو مقصد عوام ۽ حڪمران طبقي ۾ فاصلي کي گهٽ ڪرڻ ۽ تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي، هن چيو ته اڄ اسان جا بهترين دماغ پرڏيهي ملڪن ۾ ويٺا آهن، اسان کي انهن کي متوجهه ڪرڻ ۽ وطن واپس آڻڻو آهي، هن چيو ته ان سان گڏوگڏ ملڪ جي باقي يونيورسٽين جي معيار کي به بهتر بڻايو ويندو ۽ اعليٰ تعليم تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي ملڪ ۾ اقتصادي مسئلا موجود آهن ۽ فنڊن جي کوٽ آهي تنهن هوندي به قومن جي زندگي ۾ مشڪل وقت ۽ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن پر اهو وقت وڌيڪ گهڻي دير تائين نه رهندو، هن چيو ته اسان جي احتساب مهم ڪاميابي سان جاري آهي ۽ وڏن وڏن چورن کان ملندڙ پئسي کي تعليم تي خرچ ڪيو ويندو. ان موقعي تي وزيراعظم جو سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، يونيورسٽي آف اتاهه جي اقتصاديات شعبي جي سربراهه ڊاڪٽر نور مين وائيز مين، اسد جمال، ڊاڪٽر عمر سيف ۽ ڊاڪٽر عادل نجم به خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ وفاقي وزير وزيراعظم جا صلاحڪار، خصوصي مددگار، غير ملڪي سفارتڪار، پارليامينٽ جا ميمبر، مختلف يونيورسٽين جا وائيس چانسلر، تعليم ۽ تحقيق جي ماهرن به شرڪت ڪئي.