شاهه محمود قريشي پاران مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي سميت ٻين پارٽين کي ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي دعوت

شاهه محمود قريشي پاران مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي سميت ٻين پارٽين کي ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جي لاءِ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي دعوت

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز20دسمبر 2018ء) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي سميت ٻين سياسي پارٽين کي ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جي لاءِ سياسي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته جيستائين ڏکڻ پنجاب صوبو نه ٿو ٺهي پي ٽي آءِ جي حڪومت ڏکڻ پنجاب جي عوام تائين اختيارن جي منتقلي جي لاءِ ايندڙ مالي سال شروع ٿيڻ تي سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي ۽ پي ايس ڊي پي ۾ ڏکڻ پنجاب جي ترقي جي لاءِ جدا فنڊز رکيا ويندا. ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ايوان ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڏکڻ پنجاب صوبي جي مسئلي تي پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ هن چيو آهي ته هو اڳتي وڌڻ جي لاءِ تيار آهي. سيد خورشيد شاهه پڻ ڏکڻ پنجاب صوبي جي لاءِ حمايت جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف ان معاملي تي واضح موقف وٺي چڪي آهي ۽ اهو اسان جي منشور جو حصو آهي. اهو مسئلو تمام پراڻو آهي، جيئن جيئن اهو وقت گذرندو ويو ماڻهن جي راءِ بدلجندي وئي، ڪيترن ئي سببن جي ڪري انهن کي سگهه ملندي رهي. هن چيو ته جيڪڏهن غربت جو ماپو بڻايون ته پنجاب کي هڪ ترقي يافته صوبو سمجهيو وڃي ٿو. پنجاب به ان حوالي سان ورهايل آهي. ڏکڻ پنجاب جي عوام 1970ع کان پنهنجي صوبي جي لاءِ آواز اٿاري رهي آهي. ڪنهن وڏي قومي پارٽي ان مسئلي کي اونرشپ نه ڏني. پيپلزپارٽي ان جو مختلف حوالن سان ذڪر ڪندي رهي جڏهن ته ماضي ۾ پيپلزپارٽي جي مقابلي ۾ مسلم ليگ (ن) ان ۾ رڪاوٽ وجهندي رهي. 18 هين ترميم کانپوءِ هڪ قانوني تبديلي آئي آهي. ان کانپوءِ هڪ نئين شق وڌي وئي آهي ته جنهن صوبي کي الڳ ٿيڻو آهي اتان جي صوبائي اسيمبلي اڪثريتي قرارداد منظور ڪري سينيٽ ڏانهن موڪلي جنهن کانپوءِ آئيني ترميم ڪئي وڃي. هن چيو ته ماضي ۾ مسلم ليگ (ن) وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت هئي، اهي اهو ڪم ڪري سگهيا پئي. ماضي ۾ پيپلزپارٽي وٽ ۽ اڄ اسان وٽ ٻه ڀاڱي اڪثريت نه آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اي اين پي، پي ٽي آءِ سميت ايوان جي سمورين پارٽين جو پنهنجو پنهنجو موقف آهي جڏهن ته ڪنهن پارٽي پاران ڏکڻ پنجاب صوبي جي مخالفت نه ڪئي وئي. هن چيو ته اصل مسئلو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جو آهي ته ڪير ڪنهن کان اڳتي نه نڪري وڃي. اهڙن معاملن ۾ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي. ماضي ۾ تاج لانگاهه مرحوم ان مسئلي تي آواز اٿاريندو رهيو. اڳوڻي دور ۾ جڏهن ڏکڻ پنجاب صوبي جي ڳالهه ڪئي وئي ته آئون نه مڃان جي ڳالهه ڪري معاملو بگاڙيو ويو. هن چيو ته اوڀر پنجاب جيڪو ڀارت جو حصو بڻيو اهو اسان کان ننڍو هو پر وقت سان گڏوگڏ آبادي ۽ ضرورتن ۾ اضافي جي ڪري پنجاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. جيڪڏهن ايوان ان معاملي تي متفق آهي ته اسان کي سياسي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻي پوندي، اهو آئيني ترميم جو معاملو آهي، جيستائين ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نه هجي اها ترميم منظور نه ٿي ڪري سگهي. هن مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي کي دعوت ڏني ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت بڻجي وڃون ٿا ۽ ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهي ٿا وٺون. ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور جي عوام پنهنجا حق گهري رهي آهي، جيڪڏهن سياسي اتفاق راءِ ٿي ويندو ته ان کانپوءِ اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا. هن چيو ته مسئلو ايگزيڪيوٽو آرڊر تحت حل نه ٿو ٿي سگهي، هڪ تجويز اها به آئي آهي ته جيستائين صوبو نه ٿو ٺهي اتان جي ماڻهن کي انتظامي اختيارن جي لاءِ سيڪريٽريٽ ٺاهي ٿا وٺون پر ان تجويز کي به عملي جامعو نه ٿو پارائي سگهجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ڏکڻ پنجاب جي عوام تائين اختيارن جي منتقلي لاءِ سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، ايندڙ مالي سال شروع ٿيڻ تي ان معاملي تي اڳڀرائي ڪنداسين ۽ پي ايس ڊي پي ۾ ڏکڻ پنجاب جي ترقي لاءِ جدا فنڊز رکنداسين.