ڳالهيون ئي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ حل طلب مسئلن جي حل جو واحد رستو آهن، سماجي ۽ اقتصادي صورتحال جي بهتري لاءِ مستحڪم ۽ پرامن پاڙيسريت اسان جي ضرورت آهي،

ڪرتارپور لنگهه سک برادري جي پراڻي مطالبي کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کوليو ويو، پاڪستان ۾ مذهبي آزادي تي ڪنهن به قسم جي ڪا پابندي نه آهي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي

ڳالهيون ئي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ حل طلب مسئلن جي حل جو واحد رستو آهن، سماجي ۽ اقتصادي صورتحال جي بهتري لاءِ مستحڪم ۽ پرامن پاڙيسريت اسان جي ضرورت آهي،
ڪرتارپور لنگهه سک برادري جي پراڻي مطالبي کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کوليو ويو، پاڪستان ۾ مذهبي آزادي تي ڪنهن به قسم جي ڪا پابندي نه آهي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز20دسمبر 2018ء) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڳالهيون ئي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ حل طلب مسئلن جي حل جو واحد رستو آهن، سماجي ۽ اقتصادي صورتحال جي بهتري لاءِ مستحڪم ۽ پرامن پاڙيسريت اسان جي ضرورت آهي، ڪرتارپور لنگهه سک برادري جي پراڻي مطالبي کي پورو ڪرڻ جي لاءِ کوليو ويو، پاڪستان ۾ مذهبي آزادي تي ڪنهن به قسم جي ڪا پابندي نه آهي پر پاڪستان تي گند اڇلائڻ ۽ دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ ڪڏهن بليڪ لسٽ ۽ گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جهڙا حربا استعمال ڪيا وڃن ٿا، ڀارت کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان پاران ادا ڪيل قيمت جو احساس هجڻ گهرجي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ انساني حقن جي عملدارن کي خط به لکيا ويا آهن، ڪشمير جو مسئلو سياست کان مٿانهون آهي، اسان کي ڪشمير ۽ پاڪستان جو جهنڊو هٿ ۾ کڻي اظهار يڪجهتي ڪرڻ گهرجي ۽ دنيا ۾ انسانيت ۽ انساني حقن جي عملدارن جو ڌيان ان مسئلي طرف ڇڪرائڻ گهرجي، طالبان کي تسليم نه ڪرڻ وارو آمريڪا اڄ انهن سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ابوظهبي ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي، پاڪستان تي تنقيد ۽ چڙهائي ڪرڻ وارا اڄ ان جون تعريفون ڪري رهيا آهن، موجوده حڪومت جي دور ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي، سعودي عرب سان لاڳاپن کي نئين سگهه ملي آهي، گڏيل عرب امارات جو ٽٽل اعتماد بحال ٿيو آهي، سعودي پئڪيج لاءِ ڪا شرط ناهي رکي وئي، جنوري ۾ گڏيل عرب اماراتن جو ولي عهد ۽ فيبروري ۾ سعودي عرب جو اعليٰ سطحي واپاري وفد پاڪستان جو دورو ڪندو، يو اي اي کان به پاڪستان جي لاءِ اقتصادي پئڪيج جلد ملڻ جي اميد آهي، 23 مارچ تي ملائيشيا جو وزيراعظم مهاتير محمد ۽ ملائيشيا جو واپاري وفد به پاڪستان ايندو. ڪالهه خميس ڏينهن سينيٽ ۾ ڪرتارپور لنگهه تي پرڏيهي ڀارتي وزير جي بيان جي حوالي سان سينيٽر ميان رضا رباني جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان سينيٽ جي پرڏيهي لاڳاپن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي هو تفصيلي بريفنگ ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻه ائٽمي پاڙيسري ملڪ آهن ۽ هو اها ڳالهه مڃي رهيا آهن ته 7 ڏهاڪن کان اسان جا ٻطرفا مسئلا آهن ۽ انهن مسئلن جي بنياد تي ڳالهيون به ڪري چڪا آهيون، ڊگهيون ڳالهيون به ٿيون، ڳالهين جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي به پنهنجي دورن ۾ ڳالهين جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا آهن، ڀارت ڪولڊ اسٽارٽ نظريو متعارف ڪرايو، جيڪا بيوقوفي هئي، ان کانسواءِ نام نهاد سرجيڪل اسٽرائيڪس جي به ڳالهه ڪئي، ان جي سياسي ضرورتن ۽ مصلحتن کي اسان سمجهون ٿا پر ائٽمي قوتون حادثاتي تڪرارن کي برداشت نه ٿيون ڪري سگهن ڇو ته اهڙا تڪرار خودڪشي هوندي. اهڙي صورتحال ۾ ڳالهين کانسواءِ ڪو آپشن نه آهي. وزيراعظم 26 جولاءِ تي قوم کي خطاب ۾ امن جي ڳالهه ڪئي ۽ اهو پيغام هو ته جيڪڏهن هن خطي کي ترقي ڪرڻي آهي ۽ عوام کي غربت ۽ جهالت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي ته اسان کي پنهنجي اندروني معاملن تي ڌيان ڏيڻو پوندو ان جي لاءِ اسان کي پنهنجي اولهندي ۽ اوڀرندي سرحدن تي امن گهرجي. ڀارتي وزيراعظم به وزيراعظم عمران خان جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ ان سوچ جو اظهار ڪيو ته گڏجي سوچڻ جي ضرورت آهي ان کانپوءِ ڀارت پاران 24 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات جي ڳالهه ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ انهن پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ۽ پنهنجي اندروني معاملن جي ڪري ملاقات ملتوي ڪري ڇڏي ڇو ته ڀارت جي 5 رياستن ۾ چونڊون ٿيڻ واريون هيون ۽ 2019ع ۾ عام چونڊون به اچي رهيون آهن، ڀارتي قيادت ۾ اها راءِ قائم ٿي ته پاڪستان سان گڏجي ويهڻ ۽ ملاقات سان انهن کي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي ان لاءِ ملاقات کان پاسو ڪيو ويو جنهن تي اسان جو جواب انتهائي مناسب هو. هن چيو ته هي اهو پس منظر آهي جنهن سبب ڀارت پاڪستان سان گڏ ويهڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته پاڪستان امن جو رستو اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، امن ۽ استحڪام سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ اسان جي ضرورت آهي، ڪرتارپور لنگهه کولڻ جو مطالبو سک برادري جو پراڻو مطالبو هو، ڪرتارپور گورڌوارا سکن جو مقدس ماڳ آهي جتي بابا گرو نانڪ پنهنجي زندگي جا آخري 18 سال گذاريا هئا. ڀارت کي اسان ان سلسلي ۾ خط لکيو جنهن کي پڙهي اتي هنگامي اجلاس گهرايو ويو جنهن ۾ هنن قرارداد جي منظوري ۽ اسان جي فيصلي جي توثيق ڪندي اسان کان هڪ ڏينهن اڳ لنگهه جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو ۽ ٻه وزير حڪومت جي نمائندگي لاءِ لنگهه کولڻ واري تقريب ۾ موڪليا ۽ ڪو به وزير اهڙي قسم جي تقريبن ۾ پنهنجي حڪومت جي منظوري کانسواءِ ناهن ويندا. ان کانسواءِ پنجاب جا ڀارتي صحافي به انهن سان گڏ آيا هئا. اسان جي انهن قدمن سان اسان جي اقليتن ۽ ڀارت ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ سک برادري ان تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ انهن قدمن جي آجيان ڪئي. امرتسر ۾ پاڪستان زندهه آباد جا نعرا لڳايا ويا، پرڏيهي ڀارتي وزير ملڪ اندر چونڊن جي حوالي سان پنهنجي اڳ کان طئي ٿيل مصروفيتن جو سبب ڄاڻائي لنگهه واري افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مذهبي آزادي تي ڪنهن به قسم جي ڪا به پابندي نه آهي پر پاڪستان تي گند اڇلائڻ ۽ دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ ڪڏهن بليڪ لسٽ ۽ ڪڏهن گري لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جهڙا حربا استعمال ڪيا وڃن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي ۽ اقليتن کي مڪمل آزادي حاصل آهي. هن چيو ته پرامن پاڙيسريت جا خواهشمند آهيون. ڀارت کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان پاران ادا ڪيل قيمت جو احساس ڪرڻ گهرجي، اسان سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن ۽ عوام جي صورت ۾ 75 هزار کان وڌيڪ جانين جا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نذرانا پيش ڪيا آهن گهڻي حد تائين اسان دهشتگردن ۽ دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، جنهن جو ڪريڊٽ اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ باهمت عوام ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ اسان جي ذميواري آهي، اڄ کان هڪ سال اڳ آمريڪا ڏکڻ ايشيا جي لاءِ پنهنجي حڪمت عملي جو اعلان ڪيو ۽ ان ۾ پاڪستان جي اتحادي امدادي فنڊ کي به منجمد ڪيو ويو جيڪا ڪا امداد نه آهي پر اسان پاران خرچ ڪيل رقم جي واپس ادائيگي هئي. آءِ ايم ايف جي پروگرام کي به ان وقت معطل ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف پهرين ڏينهن کان ئي چوندي پئي اچي ته جنگ افغان مسئلي جو حل نه آهي، افغانستان ۾ امن ڳالهين سان ئي ايندو، پاڪستان لاڳيتو افغان عوام جي قيادت ۾ امن عمل جو حامي رهيو آهي، هاڻي ان سلسلي ۾ تمام وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، اهو آمريڪا جيڪو طالبان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو هو اڄ انهن سان ڳالهين لاءِ تيار ٿي ويو آهي، 17 سال افغانستان ۾ رت جي هولي کيڏي وئي، 17 سالن ۾ وڏي لڏپلاڻ ٿي، اڄ به 30 لک افغان پناهگير پاڪستان ۾ آهن، اها هڪ وڏي تبديلي آئي آهي، اڄ تسليم ڪيو ويو آهي ته ڳالهين وسيلي نڪرندڙ حل ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. هن چيو ته اسان مٿان جيڪي ڪجهه مهينا اڳ تنقيد ڪري رهيا هئا، اسان تي چڙهائي ڪري رهيا هئا اڄ ان جا نمائندا پاڪستان کي ساراهي رهيا آهن، اها پاڪستان جي ڪاميابي آهي، پاڪستان ۾ امن جي لاءِ اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، اهڙي اڳڀرائي اڳ ۾ ناهي ٿي، ابوظهبي ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۾ مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر به ان عمل ۾ شريڪ آهن. قطر ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ آهي پر انهن کي به ان جي لاءِ اعتماد ۾ ورتو ويو آهي. ايران جيڪو اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي ۽ اتي به افغان پناهگير رهن ٿا، افغانستان ۾ داعش جي وڌندڙ تاثر تي انهن کي به ڳڻتي آهي. ايران جي پرڏيهي وزير سان منهنجون ٻه ملاقاتون ٿيون آهن ۽ اسان جو موقف هڪ آهي، چين کي به ان معاملي تي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، هڪ طرف چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري جنگ آهي ۽ ٻئي طرف قطر ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي نه آهن پر ان جي باوجود اسان انهن کي افغان مسئلي جي حل لاءِ گڏ وٺي هلي رهيا آهيون، يمن جي تڪرار جي حل جي حوالي سان به اڳڀرائي ٿي رهي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي تازي دوري دوران ان جي چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله ۽ صدر اشرف غني سان مثبت ملاقاتون ٿيون ۽ چين افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ٽه ڌريي ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته سعودي عرب سان اسان جي لاڳاپن کي وزيراعظم جي ٻنهي دورن سان نئين سگهه ملي آهي. يمن جو تڪرار شروع ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ گڏيل عرب اماراتن سان اعليٰ سطح تي اسان جو ڪو رابطو ناهي ٿيو. اسان گڏيل عرب اماراتن سان ٽٽل اعتماد بحال ڪيو آهي. وزيراعظم کي سعودي عرب ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي. ان موقعي تي سندس شاهه سلمان، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ ٻين سعودي عرب جي عملدارن سان ملاقاتون ٿيون. ٻطرفن علائقائي ۽ اقتصادي لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سعودي پئڪيج جي لاءِ سعودي عرب ڪنهن به قسم جي ڪا شرط ناهي رکي. اسان يمن جي لاءِ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي. مجموعي طور تي پاڪستان کي سعودي عرب کان 9 ارب ڊالر جي سهولت ملندي جنهن ۾ ادائيگين جي توازن لاٰءِ 3 ارب ڊالر جي امداد ۽ ملتوي ٿيل ادائيگين جي معاونت به شامل آهي ان سان پاڪستان جي معيشت کي سهارو ملندو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جون شرطون جيئن ته تمام گهڻيون سخت هونديون آهن ان لاءِ اسان ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن ٻين وسيلن کي به گڏ کڻي هلايو وڃي. سعودي عرب پاڪستان ۾ آئل ريفائنري قائم ڪرڻ ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. فيبروري ۾ سعودي عرب جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن کانپوءِ وڌيڪ شيون سامهون اينديون. هن چيو ته 3 ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جي ڪنهن وزيراعظم جو سعودي عرب جو پهريون سرڪاري دورو هو. يمن جو تڪرار پيدا ٿيڻ کانپوءِ سعودي عرب جو اعليٰ سطحي ڪو دورو ناهي ٿيو ۽ اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ گڏيل عرب اماراتن سان رابطا به گهٽ ٿي ويا هئا، موجوده حڪومت انهن لاڳاپن کي نئين سري کان سڌو ڪيو آهي. هن چيو ته يو اي اي ۽ نار ملڪ اسان جي لاءِ ان لاءِ به اهم آهن ته 45 لک پاڪستاني اتي ڪم ڪن ٿا جيڪي ساليانو اربين ڊالر پنهنجي ملڪ موڪلين ٿا. يو اي اي جو اعليٰ سطحي هڪ اهم ڪاروباري وفد پاڪستان ۾ موقعن جو جائزو وٺي واپس وڃي چڪو آهي. جنوري جي پهرين هفتي ۾ يو اي اي جو ولي عهد پاڪستان جو دورو ڪندو. يو اي اي پاڪستان جي لاءِ هڪ اقتصادي پئڪيج جو پڻ اعلان ڪرڻ وارو آهي. هن چيو ته جڏهن موجوده حڪومت اقتدار ۾ آئي ته چين سان لاڳاپن جي حوالي سان به تمام گهڻو گوڙ ڪيو ويو پر موجوده حڪومت جي دور ۾ چين سان اعتماد جو رشتو اڳ کان به وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي. هن وقت به سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي. سي پيڪ هڪ فليگ شپ منصوبو آهي ۽ پهرين مرحلي ۾ بنيادي ڍانچي تي ڌيان ڏنو ويو. هاڻي اسان روزگار ۽ عوامي ڀلائي جي ٻين منصوبن طرف وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته وزيراعظم جو ملائيشيا جو دورو به تمام گهڻو ڪامياب رهيو. 23 مارچ تي ملائيشيا جو وزيراعظم مهاتير محمد ۽ ملائيشيا جو هڪ واپاري وفد پڻ پاڪستان اچي رهيو آهي. ٽن مهينن جي عرصي ۾ اسان پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان اسان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. والاريل ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان هن چيو ته ڪشمير جي صورتحال تمام خراب آهي، اتي ظلم ۽ ڏاڍ جاري آهي، رت جي هولي کيڏي پئي وڃي. وزيراعظم عمران خان خميس جي شام 6 لڳي 40 منٽن تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ان معاملي تي ٽيليفون تي ڳالهائيندو. پرڏيهي وزير چيو ته هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ انساني حقن واري ڪميشن جي عملدارن کي خط به لکيا آهن. ڪشمير جو مسئلو سياست کان مٿانهون آهي ۽ اسان کي ڪشمير ۽ پاڪستان جو جهنڊو هٿ ۾ کڻي اظهار يڪجهتي ڪرڻ گهرجي ۽ دنيا ۾ انسانيت ۽ انساني حقن جي عملدارن جو ڌيان ان مسئلي طرف ڇڪرائڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جا سئو اختلاف ٿي سگهن ٿا پر ڪشمير جي مسئلي تي اسان کي هڪ زبان هجڻ گهرجي.