تعليم جو فروغ معاشري جي سمورن طبقن جي ذميواري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

تعليم جو فروغ معاشري جي سمورن طبقن جي ذميواري آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

حسن ابدال (پاکستان پوائنٹ نیوز19دسمبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم جو فروغ معاشري جي سمورن طبقن جي ذميواري آهي، حڪومت تعليم جي فروغ لاءِ سموريون ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، نوجوان پنهنجي ڀرپور صلاحيتن سان ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ موثر ڪردار ادا ڪن ته جيئن عالمي برادري ۾ عظمت بحال ٿئي. هن اها ڳالهه ڪالهه اربع ڏينهن هتي ڪيڊٽ ڪاليج حسن ابدال ۾ سالياني تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر ڪاليج ۾ شاگردن کي فراهم ڪيل سهولتن ۽ تعليمي معيار تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته بهترين معاشرن ۾ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت اهميت رکي ٿي. ماضي ۾ تعليم هڪ مشن جي حيثيت رکندي هئي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته معياري تعليم جي فروغ لاءِ معاشري جا سمورا طبقا پنهنجون ذميداريون ادا ڪندي موثر ڪردار ادا ڪن، صدر چيو ته ايمان، اتحاد ۽ تنظيم قوم جي حيثيت سان اسان جي لاءِ ڪاميابي جا سنهري اصول آهن جنهن تي عمل ڪري اڳتي وڌي سگهجي ٿو، هن خاص طور تي شاگردن کي تاڪيد ڪئي ته هو محنت جي ذريعي سمورن شعبن ۾ اڳتي وڌن ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪن، صدر ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته والدين ۽ استاد معياري تعليم سان گڏوگڏ اخلاقي تربيت کي نظر ۾ رکندي ٻارن کي صبر ۽ تحمل ۽ افهام و تفهيم جي تربيت به ڏين، پاڪستان جو تمام وڏو انگ نوجوان آبادي تي ٻڌل آهي جيڪي ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، صدر چيو ته نوجوان پنهنجي صلاحيتن کي بهتر انداز ۾ استعمال ۾ آڻيندي ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪن ۽ پنهنجي محنت وسيلي ملڪ کي ترقي جي اعليٰ منزلن تي پهچائيندي عالمي برادري ۾ عظمت بحال ڪن. هن عورتن جي حقن تي زور ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته نبي ڪريم صه عورتن کي جيڪي حق ڏنا آهن انهن کي يقيني بڻائينداسين، وراثت ۾ عورتن کي حق ڏئي برابر شهري بڻائي سگهجي ٿو.