دنيا کي نفرت انگيزي ۽ تشدد لاءِ اتساهيندڙ مواد جي خلاف هڪ آواز بڻجڻو پوندو: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

دنيا کي نفرت انگيزي ۽ تشدد لاءِ اتساهيندڙ مواد جي خلاف هڪ آواز بڻجڻو پوندو: وفاقي وزير چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز18دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته دنيا کي نفرت انگيزي ۽ تشدد لاءِ اتساهيندڙ مواد جي خلاف هڪ آواز بڻجڻو پوندو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد کي روڪڻ جي لاءِ عالمي ريگيوليٽري طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان هڪ جديد جمهوريت رياست آهي جتي ميڊيا ۽ عدليه آزاد، سول سوسائٽي متحرڪ ۽ فعال آهي، ڪئناڊا پاڪستان جي حوالي سان ٽريول ايڊوائيزري ۾ نرمي ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر وينڊي ڪرسٽائن گيلمور سان هتي ملاقات دوران ڪيو جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي اطلاعات واري وزير سان ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي، سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد کي روڪڻ جي لاءِ عالمي ريگيوليٽري طريقيڪار جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ جديد جمهوري رياست آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ عدليه آزاد، سول سوسائٽي متحرڪ ۽ فعال آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪئنيڊين فلمسازن کي اترين علائقن ۾ فلمن جي عڪسبندي جي دعوت ڏيون ٿا، فارن ميڊيا جي لاءِ ويزا جي عمل کي آسان بڻائڻ تي غور ڪري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪرتار پور لنگهه کلڻ وڏي اهميت وارو آهي ۽ پاڪستان پاران امن جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي، ايندڙ سال ڪرتارپور جي دوري تي ايندڙ ڪئنيڊين ۽ آمريڪي سکن کي سموريون سهولتون ڏنيون وينديون. هن چيو ته ڪئناڊا پاڪستان جي حوالي سان ٽريول ايڊوائيزري نرم ڪري، پاڪستان هڪ پرامن ۽ محفوظ ملڪ آهي، پاڪستان ۽ ڪئناڊا تاريخي طور تي مضبوط لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن. اطلاعات واري وزير چيو ته ڪئناڊا ۾ موجود 4 لک تي ٻڌل پاڪستاني برادري لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط بڻائڻ جو اهم ذريعو آهي. ڪئنيڊين سفير اطلاعات واري وزير پاران ڪئناڊا جي سک برادري کي ايندڙ سال ڪرتارپور لنگهه جي حوالي سان سهولتون ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تعاون تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته ڪئناڊا پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ لاڳاپن جي فروغ جو خواهشمند آهي.