چوڌري فواد حسين پاران برٽش ايئر ويز جي پاڪستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جي آجيان

چوڌري فواد حسين پاران برٽش ايئر ويز جي پاڪستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جي آجيان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز18دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين برٽش ايئر ويز جي پاڪستان ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جي آجيان ڪئي آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن اطلاعات واري وزير چيو ته برٽس ايئر ويز کي پاڪستان ۾ ڀليڪار چئون ٿا، اسان جي خوبصورت ملڪ کي ڪيترائي ماڻهو صحيح طريقي سان سمجهي نه سگهيا، اميد آهي ته برٽش ايئر ويز کانپوءِ ٻيون فضائي ڪمپنيون پڻ پنهنجو آپريشن بحال ڪنديون. هن چيو ته پاڪستان ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ محفوظ آهي، ايڪڙ ٻيڪڙ منفي واقعن تي سفري تنبيهون جاري نه ڪرڻ گهرجن۔