سينيٽ پاران پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر اعظم موسيٰ خيل جي لاڏاڻي تي تعزيتي قرارداد منظور

سينيٽ پاران پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر اعظم موسيٰ خيل جي لاڏاڻي تي تعزيتي قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز17دسمبر 2018ء) سينيٽ پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر اعظم موسيٰ خيل جي لاڏاڻي تي تعزيتي قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز تعزيتي قرارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان سردار اعظم موسيٰ خيل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ۽ پونئيرن سان همدردي ۽ تعزيت ڪري ٿو. سردار اعظم موسيٰ خيل پنهنجي علائقي جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڀرپور ڪم ڪيو، هو 2002ع ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبر چونڊيو، مارچ 2015ع ۾ بلوچستان مان جنرل سيٽ تي سينيٽر چونڊيو ۽ سينيٽ جي قاعدن، ضابطن ۽ استحقاق بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين طور فرض سرانجام ڏيڻ کانسواءِ ڪابينا سيڪريٽريٽ، بين الصوبائي رابطن، پٺتي پيل علائقن ۽ پيٽروليم وارين اسٽينڊنگ ڪميٽين جو ميمبر پڻ رهيو. هن سينيٽ ۾ ٿيندڙ قانونسازي ۽ قومي ۽ اهم معاملن تي بحث ۾ ڀرپور حصو ورتو، هو بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششن ۾ رهيو، سندس قومي ۽ علائقائي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.