سينيٽر سردار اعظم موسيٰ خيل هڪ وڏي شخصيت هو، هو ڪمزور ۽ محروم طبقن جو زوردار آواز هو: سينيٽرز

سينيٽر سردار اعظم موسيٰ خيل هڪ وڏي شخصيت هو، هو ڪمزور ۽ محروم طبقن جو زوردار آواز هو: سينيٽرز

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز17دسمبر 2018ء) سينيٽ جي ميمبرن چيو آهي ته پختونخواهه ملي عوامي پارٽي جو سينيٽر سردار اعظم موسيٰ خيل هڪ وڏي شخصيت هو، هو ڪمزور ۽ محروم طبقن جو زوردار آواز هو ۽ سدائين بلوچستان جي مسئلن ۽ پٺتي پيل علائقن جي ترقي لاءِ آواز اٿاريندو رهيو، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر اعظم موسيٰ خيل جي لاڏاڻي تي تعزيتي قرارداد تي ڳالهائيندي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو ته سينيٽر اعظم موسيٰ خيل جي شخصيت خوبين ۽ عوام سان محبت جو نمونو هئي، هن ڪمزور طبقن ۽ پنهنجي صوبي جي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو. سينيٽر چوڌري تنوير چيو ته اعظم موسيٰ خيل اڄ اسان کي تمام گهڻو ياد اچي رهيو آهي، هو پنهنجي صوبي ۽ محروم طبقن جو هڪ موثر آواز هو. سينيٽر مير ڪبير چيو ته سردار اعظم موسيٰ خيل جو لاڏاڻو ملڪ ۽ بلوچستان جو نقصان آهي، هو صوبي جي محروم طبقن جو هڪ زوردار آواز هو، سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. سينيٽر جاويد عباسي چيو ته اسان هڪ سٺي دوست ۽ شفيق ساٿي کان محروم ٿي ويا آهيون، هو سدائين غريبن جي ڳالهه ڪندو هو، هو عوام جي لاءِ ايوان ۾ سدائين احتجاج ڪندو رهيو، سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال مشڪل سان ڀرجندو. هن سدائين جمهوريت ۽ ادارن جي مضبوطي جي ڳالهه ڪئي. سينيٽر نگهت مرزا چيو ته سينيٽر اعظم موسيٰ خيل هڪ وڏي شخصيت هو، هن بلوچستان جي مسئلن ۽ ڪمزور طبقن جي محرومن کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو، سندس خدمتن کي وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو. سينيٽر حاصل بزنجو چيو ته اڄ جو ڏينهن ڏک ۽ افسوس جو ڏينهن آهي، اعظم موسيٰ خيل جي سياسي وابستگي عوام، پنهنجي پارٽي ۽ نظريي سان سان سدائين ڳنڍيل رهي، سندس لاڏاڻو پوري طبقي جي لاءِ نقصان آهي. سينيٽر ڪشو ٻائي چيو ته سينيٽر اعظم موسيٰ خيل جي لاڏاڻي تي اسان جي دل ڏکويل آهي. سينيٽر عتيق شيخ چيو ته سينيٽر سردار اعظم موسيٰ هڪ هر دلعزيز شخصيت ۽ پنهنجي موقف تي ڄمي بيهندڙ هو، هو ملڪ ۽ بلوچستان جو هڪ زبردست آواز هو ۽ پنهنجي پارٽي جو هڪ تمام وڏو سرمايو هو، سندس ڊگهي سياسي جدوجهد عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪندي گذري. سينيٽر اعظم سواتي چيو ته سردار اعظم موسيٰ خيل سان اسان جو دوستاڻو تعلق هو، هن بلوچستان ۽ بلوچستان جي غريب عوام جي لاءِ پنهنجي آواز کي هر فورم تي بلند ڪيو. سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هو هڪ وڏي شخصيت هو، هن ايوان جي اندر ۽ ٻاهر دوستاڻا رابطا هئا. سينيٽر ستاره اياز چيو ته اعظم موسيٰ خيل سدائين بلوچستان جي لاءِ ڳالهه ڪئي، هو صوبي جو هڪ موثر آواز هو. سينيٽر طاهر بزنجو چيو ته هو هڪ مقبول سياسي اڳواڻ هو، بطور سينيٽر بلوچستان جي هن ڀرپور نمائندگي ڪئي. سينيٽر طلحيٰ محمود چيو ته سردار اعظم موسيٰ خيل جي لاڏاڻي تي اسان کي دلي افسوس آهي. سينيٽر رضا رباني چيو ته سردار اعظم موسيٰ خيل جي لاڏاڻي سان نه رڳو بلوچستان پر ترقي پسند سوچ رکندڙ قوتون هڪ مخلص سياسي ڪارڪن کان محروم ٿي ويون آهن، هو بي باڪي، کليل دل ۽ واضح انداز ۾ ڳالهه ڪندڙ شخصيت هو، پنهنجي سياسي فلسفي خاص طور تي بلوچستان جي ترقي ۽ مسئلن جي حل لاءِ هن سدائين آواز اٿاريو. سينيٽر ڪلثوم پروين چيو ته سردار اعظم موسيٰ خيل هڪ انتهائي شفيق انسان هو، هو آخري دم تائين محروم عوام جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو. سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته اسان هن ايوان ۾ گڏ سفر شروع ڪيو، هو نالي جو ئي اعظم نه هو پر حقيقت ۾ عظيم انسان هو. سينيٽر صلاح الدين ترمذي چيو ته هو واضح انداز ۾ پنهنجو موقف رکندو هو. سينيٽر ثمينه سعيد چيو ته اڄ مون کي يقين نه پيو اچي ته ڪو سينيٽر سردار اعظم موسيٰ خيل اسان ۾ موجود نه آهي ۽ سندس تعزيت جي لاءِ ريفرنس ڪري رهيا آهيون، سندس هر ڪنهن سان شفقت ۽ محبت وارو رويو هو. تعزيتي قرارداد تي سينيٽر ڪينٿ وليمز، سينيٽر ثناءُ جمالي، سينيٽر نصيب الله بازئي، سينيٽر روبينه خالد، سينيٽر نزهت صادق، سينيٽر وليد اقبال، سينيٽر مولانا فيض محمد ۽ سينيٽر صابر شاهه پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.