وزيراعظم عمران خان سان ترڪي جي گهرو وزير سليمان سوئلو ملاقات

وزيراعظم عمران خان سان ترڪي جي گهرو وزير سليمان سوئلو ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز17دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان سان ترڪي جي گهرو وزير سليمان سوئلو سومر ڏينهن هتي وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي. گهرو مملڪتي وزير شهريار خان آفريدي به ان موقعي تي موجود هو، ترڪي جي گهرو وزير وزيراعظم کي وزارت اعظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ترڪ قيادت ۽ پنهنجي طرفان مبارڪباد ڏني ۽ ترڪ صدر جو مبارڪباد جو پيغام پهچايو. ملاقات م ٻه طرفي ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ وڌائن جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن پاڪستان کي ترڪي جي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي، ترڪ گهرو وزير وزيراعظم کي ترڪي جي دوري جي دعوت به ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان پاڪ ترڪ لاڳاپن جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪندي، ترڪ صدر ۽ قيادت کي پاڪستان جي دورن جي به دعوت ڏني.