مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۾ غير جمهوري حربا استعمال ڪري رهي آهي: چوڌري فواد حسين

مخالف ڌر قومي اسيمبلي ۾ غير جمهوري حربا استعمال ڪري رهي آهي: چوڌري فواد حسين

جهلم (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر وارا قومي اسيمبلي ۾ غير جمهوري حربا استعمال ڪري رهيا آهن، مخالف ڌر وارا گوڙ ڪري آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ڪيسن کان جان ڇڏائڻ چاهين ٿا، پارليامينٽ ۾ نيب ۽ حڪومت تي تنقيد جي بدران قانونسازي ۽ قومي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، فليگ شپ ريفرنس آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، نواز شريف جلد جيل ۾ هوندو، رانا ثناءُ الله جي خلاف ماڊل ٽائون سانحي جي ڪيس ۾ ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان قومي اسيمبلي جي ڪارروائي هلائڻ لاءِ مخالف ڌر کي رعايت ڏني تنهن هوندي به هو ايوان جي ڪارروائي کي هلڻ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، مخالف ڌر جو مفاد انهي ۾ آهي ته هو گوڙ ۽ هنگامي آرائي ڪندا رهن، عمران خان وزيراعظم چونڊجي جڏهن پهريون ڀير اسيمبلي ۾ آيو ته مخالف ڌر کيس تقرير ڪرڻ کان روڪيو ۽ چيو ته جيستائين چونڊن جي حوالي سان ڪميٽي نه ٺهندي هو احتجاج ڪندا رهندا، جنهن تي حڪومت ڪميٽي ٺاهي ڇڏي، پوءِ هو نيب قانونن ۾ تبديلي جي حوالي سان احتجاج ڪري رهيا هئا، اسان انهن جي مرضي جو پي اي سي چيئرمين لڳائي کين رعايت ڏني آهي تنهن هوندي به هنن اسپيڪر جي فراخدلاڻي آڇ کي قبول ڪرڻ بدران نئين بهاني سان اڄ به ايوان ۾ هنگامي آرائي ڪئي، خواجه سعد رفيق جي ضمانت هاءِ ڪورٽ رد ڪئي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر قاعدن ۽ ضابطن کي ڏسي ان جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ بابت فيصلو ڪرڻ چاهي ٿو پر مخالف ڌر ان بهاني تي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪري وئي، هن چيو ته قومي اسيمبلي کي نيب کان مٿي ڪورٽ آف گورنر بڻايو ويو آهي، سڀ جوابدار قومي اسيمبلي کي صفايون ڏيڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن جڏهن ته انهن کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ملڪ ۾ پاڻي جي عدم فراهمي، معاشي مسئلا، آءِ ايم ايف سان ڳالهين، چين ۽ سعودي عرب سان لاڳاپن جهڙن معاملن تي بحث ٿيڻ گهرجي پر قومي اسيمبلي نيب جي جوابدارن جو آکاڙو بڻجي چڪي آهي، اهي نيب کي گهٽ وڌ چوندا آهن ۽ روئندا پٽيندا آهن، ان سان قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي ۽ وقار مجروح ٿي رهيو آهي، هن چيو ته مخالف ڌر وارا گوڙ ڪري آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ڪيسن مان جان ڇڏائڻ چاهين ٿا، هو گذريل دورن ۾ ڦريل پئسا محفوظ بڻائڻ چاهين ٿا، هو سمورن ڪيسن ۾ اين آر او لاءِ حڪومت ۽ نيب جي خلاف 24 ڪلاڪ گوڙ ڪري رهيا آهن، انهن کي اين آر او نه ملندو. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي منشور تي عمل ڪندي عوام کي رليف ڏيڻ چاهي ٿي ۽ معيشت ۾ بهتري آڻڻ چاهي ٿي، ناڻي وارو وزير ان مقصد لاءِ قطر جي دوري تي ويو آهي، هن چيو ته 2013ع ۾ ملڪ ۾ گئس جو ڪو به بحران نه هو ۽ گئس کاتي تي هڪ روپئي جو قرض نه هو تنهن هوندي به پنج سالن کانپوءِ جڏهن نواز شريف حڪومت ڇڏي ويو ته هي کاتو 157 ارب روپين جو قرضي هو، هن چيو ته تجربيڪار ٽيم جهڙي طرح پي آءِ اي، اسٽيل ملز، گيس، بجلي جي کاتن ، ريڊيو ۽ ٽيلي ويزن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو اسان انهن ادارن جو ذرو ذرو گڏ ڪري نئون پاڪستان ٺاهي رهيا آهيون، هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پنهنجي پارٽي منشور تي عمل ڪندي زراعت ۽ معيشت ۾ انقلاب آڻيندي، اسان آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيا آهيون، هن چيو ته اقتدار ۾ شامل رهندڙ سمورين سياسي پارٽين جي ماڻهن جو بنا فرق جي احتساب ڪيو پيو وڃي، پاڪستان تحريڪ انصاف ڪڏهن حڪومت ۾ ناهي رهي تنهن هوندي به خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي پنج سالا حڪومت رهي، ان حوالي سان نيب اتي جاچ ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته قومي اسيمبلي جو ڪم قانونسازي ڪرڻ آهي، شهباز شريف ۽ ان جي پارٽي بليڪ ميلنگ ڪري قومي اسيمبلي جي ڪارروائي نه هلڻ ڏئي رهي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان ڪنهن کي نيب ۾ ڀرتي ناهي ڪيو، اهي ماڻهو نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي دور ۾ ڀرتي ڪيا ويا، هن چيو ته رانا ثناءُ الله کي ماڊل ٽائون سانحي جي معاملي تي تمام جلد گرفتار ڪرڻ گهربو هو، هن چيو ته اي پي ايس سانحي کانپوءِ صوبائي حڪومت اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ميدانن ۾ موڪل کانپوءِ شاگردن جي کيڏڻ تي پابندي لڳائي هئي ان حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ٻارن جي رجسٽريشن ڪري انهن لاءِ راندين جا ميدان کولڻ گهرجن، هن چيو ته پي ٽي وي تي ڪا به سنسرشپ ناهي، سرڪاري ميڊيا تي مخالف ڌر کي ڀرپور ڪوريج ملي رهي آهي، هن چيو ته جهلم ۾ بهترين ويسٽ مينيجمينٽ سسٽم آڻي رهي آهي، لاهور ۾ 8 هزار في ڪس جڏهن ته راجن پور ۾ 24 سئو في ڪس خرچ ٿي رهيو آهي، متبادل بجيٽ سان هي مسئلو حل ٿي سگهن ٿا جنهن لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته جهلم ۾ ووليٽيج جي کوٽ ۾ بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته گئس جي پريشر جو مسئلو به حل ڪيو ويندو، هن چيو ته قبضن جي خلاف آپريشن دوران غريبن جي رهائشگاهن کي نه ڊاهينداسين پر ڪمرشل استعمال ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪنداسين، قبضن جي خلاف ڪارروائي جي دوران جهلم ۾ اڍائي هزار ڪينال زمين ڇڏرائي وئي آهي، هن چيو ته پنڊ دادن خان اسپتال کي بهتر بڻايو پيو وڃي، هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فليگ شپ ريفرنس آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، نواز شريف جلد جيل ۾ هوندو، هن چيو ته جهلم ۾ صحت ۽ پوليس نفري ۾ کوٽ سميت ٻيا مسئلا حل ڪنداسين.