ماضي جي حڪومت روپئي جي قدر کي مصنوعي قدمن سان ڪنٽرول ڪري رکيو: حماد اظهر

ماضي جي حڪومت روپئي جي قدر کي مصنوعي قدمن سان ڪنٽرول ڪري رکيو: حماد اظهر

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) روينيو واري مملڪتي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ماضي جي حڪومت روپئي جي قدر کي مصنوعي قدمن سان ڪنٽرول ڪري رکيو، ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جي ذميدار اڳوڻي حڪومت آهي، اسان ان مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر شيري رحمان جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن چيو ته ناڻي واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس گورنر اسٽيٽ بئنڪ جي درخواست تي ان ڪئميرا ڪيو ويو هو، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان لاڳاپيل خبر غلط آهي، روپئي جو قدر جو معاملو حساس آهي، ان سان مارڪيٽ تي اثر پوندو آهي. هڪ مخصوص طبقو غلط فهميون پکيڙي رهيو آهي، ڊسمبر 2007ع ۾ ڊالر جي قيمت 104، 30 مئي 2017ع تي 124، ۽ 30 جون 2018 ع تي 129 روپيا هئي حڪومت کي قرضن جي ادائيگي ڪرڻي آهي، ماضي جي حڪومتن جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اهو سامهون آهي، اسان سئو ڏينهن ۾ صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن.