سينيٽ جو اجلاس ڪورم جي گهٽتائي سبب سومر تائين ملتوي

سينيٽ جو اجلاس ڪورم جي گهٽتائي سبب سومر تائين ملتوي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) سينيٽ جو اجلاس ڪورم جي گهٽتائي سبب سومر ڏينهن 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران سينيٽر اشوڪ ڪمار ڪورم جي نشاندهي ڪئي جنهن تي وقتي چيئرمين پنجن منٽن تائين گهنٽيون وڄائڻ جو حڪم ڏنو، گهنٽيون وڄائڻ کانپوءِ ٻيهر ڳڻپ تي ڪورم نامڪمل هو جنهن سبب وقتي چيئرمين اجلاس سومر ڏينهن 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.