وزيراعظم پاران غريب ۽ لاچار ماڻهن جي لاءِ پناهه گاهه جو افتتاح

وزيراعظم پاران غريب ۽ لاچار ماڻهن جي لاءِ پناهه گاهه جو افتتاح

پشاور (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن هتي غريب ۽ لاچار ماڻهن جي لاءِ پناهه گاهه جو افتتاح ڪيو، وزيراعظم پناهگاهه جي مختلف حصن جو معائنو به ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم کي غريبن جي لاءِ ٺاهيل پناهگاهه ۾ فراهم ڪيل سهولتن جي باري م بريفنگ به ڏني وئي، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ وڏو وزير محمود خان ۽ اعليٰ عملدار به ساڻس گڏ هئا. هڪ ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم سان خيبرپختونخوا جو گورنر ۽ وڏو وزير ملاقات ڪندا، جڏهن ته وزيراعظم صوبائي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت به ڪندو. وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جو ٻيو ڀيرو اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پهرين 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان منعقد هڪ ميڙ ۾ شرڪت ۽ خطاب به ڪندو.