پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جو وڃايل مقام بحال ڪنداسين: علي محمد خان

پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جو وڃايل مقام بحال ڪنداسين: علي محمد خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) پارليماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جو وڃايل مقام بحال ڪنداسين، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن م پي آءِ اي جون اڏامون هلنديون هيون جيڪي هاڻي بند آهن، انهن کي بحال ڪنداسين، جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سوالن واري وقفي دوران اسلم ڀوتاڻي جي سوال جي جواب ۾ علي محمد خان ٻڌايو ته هڪ زماني ۾ پاڪستان مان اسان جا جهاز هر وڏي شهر ويندا هئا، نيويارڪ، هوسٽن، شڪاگو، لا اينجلس، گلاسڪو، بريڊ فورڊ، ماسڪو، ترڪمانستان، ايمسٽرڊيم، قاهره، آفريقا ۾ اڏامون وينديون هيون، هاڻي صرف ڪينيڊا ۾ اڏام وڃي رهي آهي، اسان روس سان معاهدو ڪنداسين، ان طرح ملڪ ۾ ننڍن شهرن ۾ اڏامون نه پيون وڃن، ناز بلوچ جي سوال جي جواب ۾ علي محمد خان چيو ته گذريل حڪومتون جيڪو نه ڪري سگهيون اهو اسان ڪنداسين، ايئر فورس جي حاضر سروس آفيسر کي انچارج بڻايو ويو آهي، اسان ڪم ڪري ڏيکارينداسين.