پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صاف ۽ شفاف احتساب ٿي رهيو آهي: چوڌري فواد حسين

پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صاف ۽ شفاف احتساب ٿي رهيو آهي: چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز12دسمبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صاف ۽ شفاف احتساب ٿي رهيو آهي، قومي احتساب بيورو خودمختيار ادارو آهي، خواجه سعد رفيق جي گرفتاري لاهور هاءِ ڪورٽ مان ان جي ضمانت رد ٿيڻ تي ٿي آهي، 10 سال حڪومت هلائڻ وارن کي هاڻي حساب ڏيڻو پوندو، سڄي مخالف ڌر کي پنهنجي ڪرتوتن سبب خطرو محسوس ٿي رهيو آهي، داغدار ماڻهن کان ڦريل رقم واپس نه وٺي سگهياسين ته تحريڪ انصاف جو حڪومت ڪرڻ جو ڪو حق نه هوندو، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ نويد قمر جي اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر کي ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ جي به عادت وجهڻ گهرجي، مسلم ليگ (ن) جنرل ضياءُ الحق ٺاهي هئي، ان لاءِ اهي ٻين جي ڳالهه نٿا ٻڌڻ چاهين، هن چيو ته سعد رفيق جي گرفتاري هاءِ ڪورٽ پاران ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ ٿي، هن چيو ته هاڻي اهي اسان کي ٻڌائي رهيا آهن ته اهي ڪيترا معصوم هئا، جهڙي طرح گذريل پنجن سالن کان 10 سالن تائين ملڪ هلايو ويو اهو سڀني کي معلوم آهي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي صحيح چيو ته انصاف ٿيندو نظر به اچڻ گهرجي، تنهن هوندي به انهن اها ڳالهه نظر انداز ڪري ڇڏي آهي ته نيب جي موجوده چيئرمين کي هنن پاڻ مقرر ڪيو هو، موجوده نيب جو هڪ پٽيوالو به اسان مقرر ناهي ڪيو، هن چيو ته سڄي مخالف ڌر کي پنهنجن پنهنجن ڪرتوتن سبب خطرو آهي، هن چيو ته خواجه سعد رفيق جو ڪيس هاءِ ڪورٽ ٻڌو آهي، هي انوکا لاڏلا کيڏڻ لاءِ چنڊ گهري رهيا آهن، موجوده حڪومت احتساب جي معاملي ۾ رڪاوٽ نه بڻجندي، حڪومت عوام جي خواهشن جي ترجمان آهي، نيب آزاد ادارو آهي، اسان کي ناهي خبر ته ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جي خلاف ڪيس آهن، اهي سڀئي ڪيس نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي جي دورن جا آهن، هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي گڏجي نيب جي قانونن ۾ ڏٺا ويندڙ جهولن کي ختم ڪرڻ گهربو هو، اسان نيب کي قانون جي حوالي سان شروع ڏينهن کان ئي ٽاسڪ فورس ٺاهي، عوام جو پئسو گذريل 10 سالن کان جهڙي طرح خرچ ٿيو ان جو حساب ڏيڻ گهرجي جهڙي طرح ايس اي سي پي ايف بي آر جي چيئرمين سميت مني لانڊرنگ ۾ ملوث ماڻهن کي اهم عهدن تي لڳايو ويو، هن چيو ته جن ماڻهن وٽ سياست جي شروعات تي موٽرسائيڪل هئي هاڻي 8، 8 گاڏيون آهن، جڏهن انهن کان پڇيو ويندو آهي ته ايوان جو تقدس مجروح ٿيندو آهي، جيڪي ماڻهو ديال سنگهه ڪاليج جي ٻاهران بسون روڪيندا هئا، هاڻي هائوسنگ سوسائيٽين جا مالڪ بڻجي ويا آهن، هن چيو ته ان کي سعد رفيق ۽ شهباز شريف جو ڏک ناهي انهن کي لڳي رهيو آهي ته انهن جو وارو اچڻ وارو آهي، انهن داغدار ماڻهن کان انهن جي ڪمائي جو حساب ۽ پاڪستان جو پئسو واپس نه وٺي سگهياسين ته تحريڪ انصاف جو حڪومت ڪرڻ جو ڪو حق نه هوندو. هن چيو ته هي سمجهندا هئا ته انهن وٽ ڪرپشن جو لائسنس آهي انهن کان ڪير پڇي سگهي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صاف شفاف احتساب ٿي رهيو آهي، احتساب جي عمل کي تڪراري بڻائڻ جو ڪو به فائدو نه ٿيندو، نيب ۽ عدالتن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏين، انهن ماڻهن کي پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻ گهرجي ۽ قوم کان معافي گهرڻ گهرجي.