ايوان قوم جو هڪ روپيو ڦرڻ واري کي ڊي چوڪ تي ڦاهي ڏيڻ يج قرارداد منظور ڪري: مراد سعيد

ايوان قوم جو هڪ روپيو ڦرڻ واري کي ڊي چوڪ تي ڦاهي ڏيڻ يج قرارداد منظور ڪري: مراد سعيد

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز12دسمبر 2018ء) مواصلات واري مملڪتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته هن ايوان کي اها قرارداد پاس ڪرڻ گهرجي ته جنهن به قوم جو هڪ روپيو ڦريو آهي ان کي ڊي چوڪ تي ڦاهي ڏنو وڃي، مخالف ڌر جي 7 اڳواڻن مون کان اين آر او گهريو ۽ انهن مان هڪ شخص ايوان ۾ هاڻي به ويٺل آهي، جيڪا ذميداري مون کي رياست ۽ آئين ڏني آهي اها آئون پوري ڪندس ۽ ڪنهن کي معاف نه ڪندس. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مواصلات واري مملڪتي وزير مراد سعيد چيو ته جڏهن به ايوان جي ڪارروائي شروع ٿيندي آهي، مخالف ڌر نيب ۽ ادارن تي تنقيد شروع ڪري ڇڏيندي آهي، اسان جي حڪومت تي هڪ به الزام ناهي، مخالف ڌر اڳواڻ تي جيترا به ڪيس ٺاهيا ويا اهي اسان جي دور جا ناهن، صاف پاڻي، ملتان ۽ راولپنڊي ميٽرو وڏا اسڪينڊل آهن، اچو ته هي قرارداد منظور ڪري وٺُون، مراد سعيد قرارداد پيش ڪئي ته هن ايوان جي راءِ آهي ته جنهن به پاڪستاني قوم جو هڪ روپيو به لٽيو آهي ان کي ڊي چوڪ تي ڦاسي ڏني وڃي، ان قرارداد تي اتفاق ڪري وٺو. ٽرمپ اسان کي ڊو مور جي ڳالهه ڪندو هو هاڻي وزيراعظم عمران خان کان مدد گهري رهيو آهي، ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم مزدورن جي لاءِ شيلٽر هوم قائم ڪري مثال قائم ڪيو، هي پنهنجي ڪمائي جي حوالي سان جواب نٿا ڏئي سگهن، هائوسنگ سوسائيٽي جي ذريعي بغير ٽينڊر جي عوام کان رقم ورتي وئي ۽ اڄ تائين ڪنهن کي گهر ناهي مليو، هن چيو ته انهن جو ڪو به منصوبو کڻي ڏسي وٺو ان ۾ بدعنواني نظر ايندي. انهن جي هڪ منصوبي مان 40 ڪروڙ جي مون وصولي به ڪري ورتي آهي، هن چيو ته مون کان انهن جي 7 اڳواڻن اين آر او گهريو، پر انهن جي خلاف ڪيس هلندا. ايوان جي مطالبي تي چوان ٿو ته جنهن پهرين ماڻهو اسان سان رابطو ڪيو اهو ايوان ۾موجود آهي، اسان الله سان واعدو ڪيو آهي ته پاڪستان مان ڪرپشن جي ناسور کي ختم ڪنداسين، مون کي رياست ۽ آئين جيڪا ذميداري سونپي آهي، اها آئون پوري ڪندس ۽ ڪنهن کي به معاف نه ڪندس، جنهن جنهن پاڪستان کي ڦريو آهي ان کان وصولي ڪنداسين ۽ انهن کي جيلن ۾ به وجهنداسين.