ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم وزيرن جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي رهيو آهي: علي نواز اعواڻ

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم وزيرن جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي رهيو آهي: علي نواز اعواڻ

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز12دسمبر 2018ء) وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار سي ڊي اي علي نواز اعواڻ چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وزيراعظم پاڪستان وزيرن جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي رهيو آهي، حڪومت ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جو پڪو پهه ڪيو آهي. اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار علي نواز اعواڻ چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان وزيراعظم پاڻ جائزو وٺي رهيو آهي، جن وزيرن جي ڪارڪردگي بهتر آهي جنهن عوام جا مسئلا حل ڪيا اهي وزارتن جي اهل هوندا، هن چيو ته سو ڏينهن جي پلان تحريڪ انصاف چونڊن جي دوران عوام جي سامهون رکيو هو ان حوالي سان وزيراعظم سئو ڏينهن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وزيرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺي رهيو آهي، علي نواز اعواڻ چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جو پڪو پهه ڪيو آهي، چين ڪرپشن ڪندڙن جي سزا موت رکي آهي جنهن سبب چين عالمي سطح تي اڀرندڙ معيشت سمجهيو پيو وڃي، هن چيو ته 60 سالن ۾ ڪرپشن ڪندڙن جو احتساب جاري رآهي، ڪو به احتساب جي عمل کان بچي نه سگهندو.