سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز11دسمبر 2018ء) سينيٽ جي وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي ڪنوينر سينيٽر نعمان وزير خٽڪ چيو آهي ته يونيورسٽين ۽ انڊسٽريز جي وچ ۾ رابطو اهڙو هجي جنهن سان اقتصادي ترقي جي طرف تيزي سان اڳڀرائي ۾ مدد ملي سگهي. هو اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ذيلي ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اعليٰ تعليمي ادارن ۽ ان سان لاڳاپيل صنعتن سان رابطاڪاري جي صورتحال تي تفصيلي بحث ٿيو ۽ رابطاڪاري کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان مختلف قانوني فريم ورڪ ۾ ضرورت موجب ترميم آڻڻ جي حوالي سان مختلف سفارشن جو جائزو ورتو ويو. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر يونيورسٽين بابت صنعتن سان رابطن جي حوالي سان تفصيلي موقف ڏنو ۽ کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ذيلي ڪميٽي کي نيوٽيڪ، ٽيوٽا ڪي پي، ايڇ اي سي ۽ ٻين ادارن جي اعليٰ عملدارن تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ اداره جاتي تعاون کي وڌائڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون، اجلاس ۾ سينيٽر انجنيئر رخسانه زبيري کانسواءِ ايجوڪيشن جو پارلياماني سيڪريٽري وجيه اڪرم به شرڪت ڪئي.