آمريڪي صدر پاران افغان مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان کان تعاون طلب

آمريڪي صدر پاران افغان مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان کان تعاون طلب

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 دسمبر 2018ء) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جا موقعا ڳولڻ ۽ نئين حصيداري جي ضرورت تي زور ڏيندي افغان مسئلي جي ڳالهين لاءِ پاڪستان کان تعاون طلب ڪيو آهي.پرڏيهي آفيس طرفان سومر ڏينهن جاري بيان موجب آمريڪي صدر ان خواهش جو اظهار وزيراعظم عمران خان جي نالي پنهنجي خط ۾ ڪيو آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته افغان مسئلي جو ڳالهين ذريعي حل انهن جي سڀ کان اهم علائقائي ترجيح آهي، افغان جنگ سان پاڪستان ۽ آمريڪا ٻئي متاثر ٿيا، پرڏيهي آفيس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سدائين افغانستان ۾ جنگ جي خاتمي جي سياسي حل جي حمايت ڪئي آهي جيتوڻيڪ هي آمريڪي فيصلي جي آجيان ڪري ٿو، بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان پوري ديانتداري سان سهولتڪاري واري عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، افغان امن ۽ استحڪام گڏيل ذميداري آهي.