قانونسازي لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي جوڙجڪ اڻٽر آهي: اسد قيصر

قانونسازي لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي جوڙجڪ اڻٽر آهي: اسد قيصر

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 03 دسمبر 2018ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته قانونسازي جي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي جوڙجڪ اڻٽر آهي، ان مقصد لاءِ مخالف ڌر پارٽين سميت حڪومت سان ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿي چڪيون آهن ۽ مون کي اميد آهي ته هلندڙ مهيني جي دوران منعقد ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي جوڙجڪ کي عملي جامو پارايو ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته جنهن ۾ دفاع واري وزير پرويز خٽڪ، پارلياماني مملڪتي وزير علي محمد خان، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، چيف وهپ ملڪ محمد عامر ڊوگر ۽ سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽ شبلي فراز شرڪت ڪئي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن کي هڪ پيج تي آچڻو پوندو ۽ ان ڳالهه جو يقين ڏياريان ٿو ته ايوان جي ڪارروائي جي دوران حڪومت ۽ مخالف ڌر کي ان جي مينڊيٽ موجب موقعو ڏنو ويندو، اجلاس ۾ هلندڙ ميهيني قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ اجلاس جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي قانونسازي ۽ ايوان ۾ ماحول کي خوشگوار رکڻ لائحه عمل طئي ڪرڻ لاءِ به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ قانونسازي حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي جوڙجڪ جي حوالي سان مشاورت ڪئي وئي.