قبائلي عوام ملڪ ۽ قوم جي خاطر وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

قبائلي عوام ملڪ ۽ قوم جي خاطر وڏيون قربانيون ڏنيون آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

پشاور (پاکستان پوائنٹ نیوز 30 نومبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قبائلي عوام ملڪ ۽ قوم جي خاطر وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انضمام جو عمل جلد کان جلد مڪمل ٿئي ۽ ان جي ثمرن مان قبائلي فائدو کڻن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻن ڏينهن جي دوري دوران جمعي ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ فاٽا انضمام جي حوالي سان منعقد بريفنگ جي دوران ڪيو. ان موقعي تي خيبر پختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، صوبائي اسيمبلي جو اسپيڪر مشتاق غني، سينئر صوبائي وزير عاطف خان، اطلاعات وارو وزير شوڪت يوسفزئي، ماحوليات ۽ ٻيلن وارو وزير اشتياق ارمڙ، قانون وارو وزير سلطان محمد خان، خيبرپختونخوا جو چيف سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ ۽ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري فاٽا سيڪريٽريٽ به موجود هو. اطلاعات واري صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي موجب صدر کي اڳوڻي فاٽا جي انضمام جي حوالي سان قانوني ۽ انتظامي معاملن کان آگاهه ڪيو ويو، صدر کي ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته اڳوڻي فاٽا ۾ مقرر ليويز فورس ۽ خاصه دار جون ملازمتون برقرار رهنديون جڏهن ته صدر کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اڳوڻي فاٽا ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ چونڊون مئي 2019ع کان اڳ ڪرايون وينديون. جنرل سيٽن لاءِ تڪ بندين جو ڪم جاري آهي جيڪو هلندڙ سال ڊسمبر جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. صدر کي اهو به ٻڌايو ويو ته انتظامي ڍانچي جي جوڙجڪ لاءِ ڪابينا جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا 15 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ ڪابينا کي پيش ڪندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته قبائلي ضلعن لاءِ ٽيڪس ۾ پنج سالن لاءِ ڏنل رعايت مان سيڙپڪار ضرور فائدو کڻن. ان کانسواءِ صدر کي بي آر ٽي منصوبي جي حوالي سان به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته هي منصوبو اپريل 2019ع کانپوءِ مڪمل ٿي ويندو. هي منصوبو 68 ڪلوميٽر فيڊر روٽس تي ٻڌل هوندو جڏهن ته 230 بسون عوام جي خدمت لاءِ هلنديون. صدر ان منصوبي کي ساراهيندي چيو ته هي هڪ بهترين منصوبو آهي ۽ ان سان عوام کي بهترين سفري سهولتون ميسر اينديون. صدر چيو ته ان منصوبي جي جلد کان جلد پڄاڻي کي يقيني بڻايو وڃي.