پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي: وزيراعظم عمران خان

پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 30 نومبر 2018ء) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، امن اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت ٻه جوهري طاقتون آهن جيڪي ڪنهن جنگ جي سٽ نٿيون سگهي سگهن، دنيا ۾ ڪا به شيءَ ناممڪن ناهي، ڪشمير مسئلي جو حل به ڳالهين جي ذريعي ڳولي سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ ذهن بدلجي چڪو آهي ڀارت کي به بدلائڻ گهرجي، ڪرتار پور لنگهه کي کولڻ سک برادري جو پراڻو مطالبو هو، هندو ياترين لاءِ به ويزا حاصل ڪرڻ آسان بڻائينداسين. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن هتي ڀارتي صحافين سان ڳالهائيندي چئي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، تعليم ۽ تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته جڏهن آئون ڪرڪيٽ کيڏندو هئس ته ڀارت کان هارائڻ ڪنهن طور تي آپشن نه هوندو هو، ايترو عوامي دٻاءُ هوندو هو ته ڀارت کان هارائي نه وڃو تنهن هوندي به ان سان گڏوگڏ امن جي خواهش تڏهن کان آهي، ڪرتار پور لنگهه کلڻ جي عمل کي پاڪستان ۾ ساراهيو ويو، ڀارت جي صورتحال توهان بهتر ٻڌائي سگهو ٿا، جيڪو ڀارت آئون سڃاڻان ٿو ان ۾ اڪثريت ان عمل کي ساراهيندي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪشمير جي ڳالهه نه ڪئي وڃي ته پوءِ ڪوئي مسئلو ئي ناهي، مون کي چڱي طرح ياد آهي ته آئون ڪنهن ڪانفرنس ۾ ڀارت ويس ۽ ان وقت من موهن سنگهه وزيراعظم هو، من موهن سنگهه چئي رهيو هو ته ڪشمير جو مسئلو انڊيا کي ترقي کان روڪي رهيو آهي، منهنجو چوڻ به اهو ئي آهي، وزيراعظم چيو ته منهنجو ايمان آهي ته ڪجهه به ناممڪن ناهي، هر شيءَ ممڪن آهي، مون ان ڏس ۾ چئي رهيو هئس ته جيڪڏهن اسان فيصلو ڪري وٺون ته اسان کي ان مسئلي کي حل ڪرڻو آهي ته هي مسئلو حل ٿي ويندو ۽ هي مسئلو اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندو آهي، جڏهن اڳتي وڌندا آهيون ته ڪوئي نه ڪوئي واقعو اسان کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيندو آهي. ممبئي واقعي سبب ڳالهيون دير جو شڪار ٿيون، وزيراعظم چيو ته مون پنهنجي پهرين تقرير ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ڀارت هڪ قدم وڌائيندو ته اسان ٻه قدم وڌائينداسين، آئون پهرين ڏينهن کان اهو چئي رهيو آهيان پر ڀارت طرفان سٺو رد عمل سامهُون ناهي آيو، هن ڳالهيون به ملتوي ڪري ڇڏيون، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ پرڏيهي وزير جي ملاقات به ملتوي ڪئي وئي، ڀارت جي طرفان ڳالهين جي حوالي سان شرط لاڳو ڪرڻ سان لڳندو آهي ته ان جي ڳالهين جي نيت ئي ناهي. وزيراعظم چيو ته اسان فيصلو ڪيو ڇو ته ڀارت ۾ اليڪشن ٿيڻ وڃي رهيون آهن ته اسان اليڪشن جو انتظار ڪري وٺون ٿا، اپريل کانپوءِ ان عمل کي اڳتي وڌائينداسين، ڪرتار پور لنگهه کولڻ جو حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن مون وزارت عظميٰ جو حلف کنيو هو تڏهن کان اها ڳالهه شروع ٿي وئي هئي ته اسان اهو لنگهه کوليون، سک برادري جو تمام پراڻو مطالبو هو جنهن تي سک برادري خوش آهي هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي لاءِ پاڪستان جي سرزمين جو استعمال اسان جي مفاد ۾ ناهي، آمريڪا طرفان اهو الزام لڳايو ويو ته هو ان جي لاءِ 17 سال افغان جنگ نه کٽي سگهيو ڇو ته پاڪستان مان دهشتگرد ايندا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن اهو پاڪستان جي مفاد ۾ هجي ها ته اسان وڏي لاڳت سان افغان سرحد تي کاردار تار ڇو لڳايون ها، هروڀرو پاڪستان تي الزام لڳايو ويندو آهي، ڪنهن کي به پنهنجي سرزمين غلط استعمال ڪرڻ جي هر گز اجازت نه ڏينداسين. افغانستان کان هتي 27 لک افغان پناهگير موجود آهن ، حڪومت ڪوشش ڪئي ته انهن کي باعزت انداز ۾ وطن واپس موڪليون پر اهي واپس نه وڃي رهيا آهن، ان لاءِ اسان هاڻي تار لڳائي رهيا آهيون جهڙي طرح ڀارت به سرحد ۽ ايل او سي تي تار لڳائي رکي آهي، پاڪستان جو ذهن بدلجي رهيو آهي پر هندستان جو ذهن نه بدليو، وزيراعظم چيو ته اسان قانون ٺاهيو، نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو، اسان جي سمورين سياسي پارٽين گڏجي نيشنل ايڪشن پلان تي صحيحون ڪيون، ڪنهن هٿياربندگروپ کي هتي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه آهي، ڪشمير مسئلي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هي ان مسئلي ۽ ان جي حل تي بحث جو فورم ناهي، آئون اهو نٿو چوان ته ان مسئلي جي ڪو آسان حل آهي، اسان 70 سالن ۾ ڪنهن حل تي ناهيون پهتا ته ان جو ڪو نه ڪو سبب آهي، ٻنهي ملڪن لاءِ ان کي حل ڪرڻ مشڪل آهي تنهن هوندي به مون کي يقين آهي ته حل آهي ۽ هي حل تڏهن نڪرندو جڏهن اسان ڳالهيون لاءِ ويهنداسين. وزيراعظم چيو ته مون کي ياد آهي ته ڀارت ۾ جڏهن منهنجي نٽور سنگهه جي موجودگي ۾ بي جي پي جي اڳوڻي وزيراعظم واجپائي سان ملاقات ٿي هئي ته هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو هو ته جيڪڏهن هو اليڪشن نه هاري ها ته اسان ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ تمام ويجهو اچي ويا هئاسين، وزيراعظم چيوته ننڍي کنڊ جي عوام کي امن جي ذريعي گهڻا ثمر حاصل ٿيندا ۽ ڀارت کي وڌيڪ فائدا حاصل ٿيندا. ٻه طرفي واپار سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي زندگي جو معيار بلند ٿيندو، اسان چين، ڀارت سميت ايڏي وڏي مارڪيٽ جي ويجهو ويٺا آهيون جيڪڏهن ڪشمير جو مسئلو حل ٿئي ته ان سان سڄي ننڍي کنڊ کي فائدو حاصل ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت جي سڀ کان وڏي ترجيح غريب ماڻهن جي بهتري آهي، اسان پاڪستان کي هڪ فلاحي رياست بڻائڻ چاهيون ٿا، اسان ڪوشش ڪندا رهنداسين ته ڳالهين جي ذريعي ڪشمير سميت سمورا تڪرار حل ڪري سگهون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڳالهين کانسواءِ مسئلا حل ڪيئن ٿيندا؟ ڀارتي حڪومت هن وقت ڳالهين لاءِ تيار نه آهي اسان چونڊن کانپوءِ ڳالهه ڪري وٺنداسين، وزيراعظم چيو ته هندو ياترين لاءِ ويزا کي حاصل ڪرڻ آسان بڻائينداسين، ٻُڌمت ٽوئرازم لاءِ تياري ڪري رهيا آهيون، گنڌارا تهذيب کانسواءِ هندوئن جا وڏا مندر پاڪستان ۾ آهن، حافظ سعيد جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حافظ سعيد ۽ ان جي پارٽي تي گڏيل قومن طرفان پابنديون لاڳو آهن جڏهن ته ممبئي جي حوالي سان ٻين ماڻهن تي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته هو پوري يقين سان چوي ٿو ته ڪا به پاڪستان جي سرحد ڪنهن ٻي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي ۽ هو ان ڏس ۾ پوري ڪوشش ڪندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انسان ڪوشش ڪري سگهي ٿو، هاڻي اهو ڀارت تي آهي، اسان پهرين به ڪوشش ڪئي تنهن هوندي به گڏيل قومن ۾ طئي ٿيل پرڏيهي وزيرن جي ملاقات ڀارت جي طرفان ملتوي ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته عوامي سطح تي ڪي به ويڇا نه آهن، اسان جي حڪومت ڳالهين جي حوالي سان کلي آڇ ڪئي آهي، هاڻي اهو ڀارت تي آهي، وزيراعظم چيو ته هو جڏهن به ڀارت ويو يا ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏنو ان ۾ ڳالهه اتي اچي رڪجي ويندي آهي ته ماضي ۾ ڇا ٿيو، مون ڪالهه به چيو هو ته ماضي ۾ انسان رهندو ناهي پر ان مان سکندو آهي، اسان جو ماضي اسان کي اهو سيکاريو آهي ته ان قسم جا تڪرار هن خطي کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو آهي، هن چيو ته ماضي ۾ هي خطو دنيا جو امير ترين علائقو هو تنهن هوندي به هاڻي غريب ترين آهي، وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ رهندي اسان به چنگل ۾ ڦاٿل رهي سگهون ٿا، پنجاب جي سرحد تي جيڪو قتل عام 1947ع ۾ ٿيو شايد ئي تاريخ ۾ ان جو مثال ملندو هجي، هتي ايندڙ هر هڪ ماڻهو وٽ ان حوالي سان پوري ڪهاڻي هئي، هي ڪهاڻيون ٻڌي اسان جي اندر ڀارت جي خلاف نفرت هئي، اسان بعد ۾ جڏهن ڪرڪيٽ کيڏڻ ڀارت وياسين ته آهستي آهستي اسان جو ذهن بدليو جهڙي طرح هاڻي ماڻهن جي رويي ۾ تبديلي اچي رهي آهي. ڪرتار پور لنگهه تي جڏهن 70 سال اڳ خون خرابو ٿيو هو ۽ هاڻي جهڙي طرح تبديلي آئي آهي ۽ ماڻهن جا رويا تبديل ٿيا آهن اهڙي طرح قومون اڳتي وڌي وينديون آهن، سٺو ۽ خراب وقت ايندو رهندو آهي ۽ اسان سکندا آهيون، اسان بار بار ڦاسجي ويندا آهيون ته اڳتي ڇا ٿيندو، گذريل 30 سالن کان اها صورتحال درپيش آهي نتيجو زيرو آهي. وزيراعظم چيو ته هي خطو دنيا جو اهو حصو آهي جيڪو گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو، توهان جي لاءِ هندستان وڏو ملڪ آهي، وڏو جي ڊي پي آهي، واڌ جي شرح بهتر آهي، هندستان کي امن مان فائدو ٿي سگهي ٿو، پاڪستان به ان مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان سمجهون ٿا ته چونڊن کانپوءِ ڀارت جي طرفان مثبت رد عمل ايندو، آئون ماضي جو جوابده ناهيان، مون سان جيڪڏهن معاهدو ڪريو ته آئون اهو نه چوندس ته فوج هي ڪم نه ڪرڻ ڏنو، پاڪستان جي فوج، ادارا، سياسي قيادت ۽ حڪومت هڪ صفحي تي آهي ۽ سڀني جو ان حوالي سان اتفاق راءِ آهي، ٽن مهينن جي اقتدار دوران اسان جي ڪوشش رهي آهي ته هندستان ۽ افغانستان سان پنهنجون حالتون بهتر ڪريون، وزيراعظم هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هو ڀارتي شهري حامد انصاري جي معاملي کي فوري ڏسندو ۽ ان حوالي سان جيڪو بهتر هوندو اهو ڪيو ويندو، پاڪستان پاڻ چاهي ٿو ته هو اڳتي وڌي، اڳتي تڏهن ئي وڌي سگهون ٿا ته جڏهن اسان پنهنجي غلطين مان سکنداسين، وزيراعظم چيو ته آئون چاهيان ٿو ته ڪشمير جي مسئلي کي علائقي جي بدران ٻي طريقي سان ڏٺو وڃي ڇو ته هتي اسان جيڪو ڏسندا آهيون ڪشمير ۾ ٻار آهن، اتي جهڙي طرح جون حالتون هلي رهيون آهن، 20، 25 سال کان فوجي ڏاڍ هلي رهيو آهي اهو تمام وڏو مسئلو آهي، هر ملڪ ۾ توهان سان به هوندا ۽ خلاف به هوندا آهن هي هڪ تمام وڏي رڪاوٽ آهي، والاريل ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڏسون ٿا ته هر روز لاش کڄي رهيا آهن، عورتون روئي رهيون آهن، ماڻهو مري رهيا آهن، ڀارتي حڪومت گهٽ ۾ گهٽ ڪشميري ماڻهن جي لاءِ ته ڪجهه ڪري، وسيع تر خير سگالي لاءِ ٻنهي طرفن کان ڪوششون ٿيڻ گهرجي، اسان هڪطرفي خير سگالي ڪندا رهيا آهيون، مون کي تڏهن به تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، موکي چيو ته توهان وڏي ڪوشش ڪئي ۽ هندستان ڇا ڪيو، وزيراعظم چيو ته هو ان ڳالهه کي ٻيهر ورجائي ٿو ته هي اسان جي قومي مفاد ۾ آهي ته اسان جي سرزمين تان ڪنهن قسم جي دهشتگردي نه ٿئي.