مون کي عمران خان جي ڪابينا جو ميمبر هجڻ تي فخر آهي: چوڌري فواد حسين

مون کي عمران خان جي ڪابينا جو ميمبر هجڻ تي فخر آهي: چوڌري فواد حسين

راولپنڊي (پاکستان پوائنٹ نیوز 30 نومبر 2018ء) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مون کي فخر آهي ته اهڙي وزيراعظم جي ڪابينا جو ميمبر آهيان جيڪو مديني جي رياست جي طرز تي پاڪستان کي فلاحي ملڪ بڻائڻ جو ارادو رکي ٿو، ملڪي تاريخ جي هري پهرين حڪومت آهي جنهن ناموس رسالت صه جي تحفظ ۽ دفاع لاءِ لاڳاپيل ملڪن سان سڌو سنئون ڳالهه ڪئي، عشق مصطفيٰ صه کانسواءِ مسلمان جي زندگي ۽ ايمان مڪمل ناهي هوندو ۽ نه ئي هو اهڙو ڪو تصور ڪري سگهي ٿو. هو جمعي ڏينهن دربار عاليه عيدگاهه شريف راولپنڊي جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين دربار عاليه عيدگاهه شريف جي سجاده نشين ۽ معروف روحاني شخصيت پير نقيب الرحمان ۽ صاحبزاده حسان حسيب الرحمان سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته عالم ۽ مشائخ سڳورا ملت جو اهم ۽ محترم طبقو آهن، دين جي تعليم جي واڌ ويجهه ۾ انهن جو نهايت اهم ڪردار آهي، هن چيو ته عالم سڳورن کي درپيش چئيلنجز ۾ دين جي حقيقي تعبير جي حوالي سان قوم جي رهنمائي جو فرض انجام ڏين، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اتحاد بين المسلمين ۽ بين المذاهب هم آهنگي وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، درٻار عاليه عيدگاهه شريف جي سجاد نشين پير نقيب الرحمان وزيراعظم عمران خان جي پاڪستان کي مدينه جهڙي رياست جي طرز تي هموار ڪرڻ جي عزم جي آجيان ڪئي، پير نقيب الرحمان چيو ته عشق مصطفيٰ جي گهرج آهي ته ڪنهن مسلمان جي هٿ ۽ زبان سان ٻي کي تڪليف نه پهچي، صاحبزاده حسان حسيب الرحمان چيو ته اسلام امن، محبت، رحمي ۽ درگزر جو نالو آهي، امت محمدي صلي الله عليه وآله وسلم جي سڀ کان وڏي طاقت ۽ سڃاڻپ سٺو اخلاق آهي.