ڀارت طرفان ڪنٽرول لائين تي ڇيڙڇاڙ ڪئي پئي وڃي: ميان عبدالمنان

ڀارت طرفان ڪنٽرول لائين تي ڇيڙڇاڙ ڪئي پئي وڃي: ميان عبدالمنان

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04اکتوبر2016ء) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر ميان عبدالمنان چيو آهي ته ڀارت طرفان ڪنٽرول لائين تي ڇيڙڇاڙ ڪئي پئي وڃي پر اهو جنگ جي قابل نه آهي، ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت جنگ جي قابل نه آهي، صرف تماشو لڳائي رکيو آهي، اسان جي هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي، سموريون سياسي پارٽيون ۽ اڳواڻ محب وطن آهن، ڪير به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسي ٿو ته سڀ متحد ٿي ويندا آهن، هن چيو ته دهشتگردي پاڪستان لاءِ تمام وڏو مسئلو آهي، حڪومت دهشتگردي خلاف ملڪ ۾ آپريشن ضرب عضب شروع ڪيو آهي جنهن سان دهشتگردي جي خاتمي ۾ مدد ملي رهي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نواز شريف محب وطن اڳواڻ آهي جنهن کي سندس حب الوطني تي شڪ آهي هو پنهنجي رت جي ٽيسٽ ڪرائي.