قومي اسيمبلي ۾ اقليتن سان تعلق رکندڙ عورتن جي مذهب جي زوري تبديلي ۽ انهن سان زبردستي شادي جي حوالي سان قرارداد منظور

قومي اسيمبلي ۾ اقليتن سان تعلق رکندڙ عورتن جي مذهب جي زوري تبديلي ۽ انهن سان زبردستي شادي جي حوالي سان قرارداد منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04اکتوبر2016ء) قومي اسيمبلي اقليتن سان تعلق رکندڙ عورتن جي مذهب جي زوري تبديلي ۽ انهن سان زبردستي شادي جي حوالي سان قرارداد جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ لالچند مالهي قرارداد پيش ڪئي ته هن ايوان جي راءِ آهي ته حڪومت اقليت سان تعلق رکندڙ عورتن جي زوري مذهب تبديل ڪرائڻ ۽ زبردستي شادي ڪرڻ جي روڪٿام لاءِ فوري قدم کڻي، لال چند مالهي چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) پنهنجي چونڊ منشور ۾ واعدو ڪيو هو ته ان تي قانونسازي ڪئي ويندي پر ائين نه ٿيو، ان لاءِ قرارداد منظور ڪئي وڃي. خواجه سهيل منصور چيو ته غير مسلم پاڪستانين جي هي شڪايت درست آهي، سمورن مذهبن جي ماڻهن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، پارلياماني سيڪريٽري خليل جارج چيو ته ان حوالي سان بل پيش ٿي چڪو آهي، قرارداد جي ضرورت نه آهي، لالچند مالهي چيو ته قرارداد حڪومت جي خلاف نه آهي هي منظور ٿيڻ گهرجي، ڊاڪٽر عذرا فضل چيو ته قرارداد منظور ڪرڻ ۾ ڪو به حرج نه هوندو، غير مسلم پاڪستانين سان زيادتي جو ازالو ٿيڻ گهرجي. جمشيد احمد دستي چيو ته ميمبر کي ٻڌائڻ گهرجي ته ڪهڙي هنڌ مذهب تبديل ڪرڻ جي لاءِ طاقت جو استعمال ٿيو آهي يا زبردستي ڪئي وئي آهي، تبليغ مسلمانن جو حق آهي، فاضل ميمبر ثبوت ڏئي ۽ سياسي پوائنٽ اسڪورنگ نه ڪئي وڃي، خليل جارج چيو ته اسان ان جي مخالفت نٿا ڪريون ته ان کي به ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، ڊاڪٽر نفيسه شاهه چيو ته قرارداد جو متن انتهائي سادو آهي ان تي خدشا نه هجڻ گهرجن، وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته حڪومت ان تي قانون آڻڻ چاهي ٿي اسان کي قرارداد منظور ڪرڻ تي ڪو به اعتراض نه آهي، ڊاڪٽر درشن چيو ته قرارداد منظور ڪرڻ ۾ ڪو به حرج نه هوندو، شير اڪبر خان چيو ته قرارداد منظور ڪئي وڃي. ڊپٽي اسپيڪر قرارداد ايوان ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪئي جنهن کي متفقه طور تي منظور ڪيو ويو.