وفاقي سرڪاري نوڪرين ۾ اسلام آباد جو ڊوميسائيل رکندڙن جي لاءِ ڌار ڪوٽا مخصوص ڪرڻ جا قدم کڻڻ جي حوالي سان پي ٽي آءِ طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

وفاقي سرڪاري نوڪرين ۾ اسلام آباد جو ڊوميسائيل رکندڙن جي لاءِ ڌار ڪوٽا مخصوص ڪرڻ جا قدم کڻڻ جي حوالي سان پي ٽي آءِ طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 04اکتوبر2016ء) وفاقي سرڪاري نوڪرين ۾ اسلام آباد جو ڊوميسائيل رکندڙن جي لاءِ ڌار ڪوٽا مخصوص ڪرڻ جا قدم کڻڻ جي حوالي سان پي ٽي آءِ طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قرارداد وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪئي وئي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ميمبر اسد عمر قرارداد پيش ڪئي ته هن ايوان جي راءِ آهي ته وفاقي سرڪاري نوڪرين ۾ اسلام آباد جو ڊوميسائيل رکندڙن جي لاءِ ڌار ڪوٽا مخصوص ڪرڻ جي ڏس ۾ قدم کنيا وڃن. اسد عمر چيو ته اسلام آباد جي شهرين کي اهي حق حاصل نه آهن جيڪي صوبن جي عوام کي حاصل آهن، سڄي ملڪ ۾ مقرريون ڪوٽا جي بنياد تي نه پر ميرٽ تي هجڻ گهرجن جيڪڏهن صوبن ۾ هي نظام لاڳو آهي ته اسلام آباد جي شهرين کي به هي حق ملڻ گهرجي. وفاقي وزير شيخ آفتاب احمد چيو ته اسلام آباد جي آبادي ٻين صوبن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، جيڪڏهن اسلام آباد جي لاءِ ڪوٽا مختص ڪيو ويو ته اسلام آباد جي شهرين کي نقصان ٿيندو. وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته ڪوٽا جي حوالي سان بل تيار آهي ۽ انهي هفتي ايوان ۾ پيش ٿيڻو هو، اسلام آباد جي شهرين جو شمار پنجاب جي ڪوٽا ۾ شامل آهي، جيڪڏهن ڌار ڪنداسين ته شهرين کي نقصان ٿيندو، هن چيو ته آدم شماري به ٿيڻي آهي، بهتر آهي ته آدم شماري کانپوءِ ڪوئي فيصلو ڪيو وڃي. ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته 50 سيڪڙو ڪوٽا پنجاب وٽ آهي، جيڪڏهن اسلام آباد جو ڪوئي شهري نوڪري لاءِ درخواست نٿو ڏئي ته سڄي ڪوٽا صوبي وٽ هلي ويندو آهي، هي ٻين صوبن سان به زيادتي آهي، اسلام آباد جي لاءِ ڌار ڪوٽا مختص ٿيڻ گهرجي. ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اسلام آباد سان امتيازي ورتاءُ نه ٿيڻ گهرجي، اسلام آباد جي ماڻهن جي لاءِ ڌار ڪوٽا مختص ٿيڻ گهرجي، اسلام آباد جي لاءِ عورتن جي ڌار سيٽ مختص ٿيڻ گهرجي، صاحبزاده طارق الله به اسد عمر جي قرارداد جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته اسلام آباد جي ڌار حيثيت آهي، هن چيو ته ڀرتين جي حوالي سان اسلام آباد جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ گهرجن. حاجي غلام احمد بلور چيو ته پنجاب کي پنهنجي ڪوٽا مان اسلام آباد کي ڪجهه حصو ڏيڻ گهرجي، محمود خان اچڪزئي چيو ته ان معاملي تي آئيني ماهرن جي راءِ ورتي وڃي ۽ صوبن کي به ان مشاورت ۾ شامل ڪري ڪو فيصلو ڪيو وڃي، عبدالوسيم چيو ته جيڪا به حڪومت ايندي آهي اها پنهنجي ماڻهن کي نوڪريون ڏيندي آهي، ميرٽ جو معيار بڻايو وڃي، عارفه خالد چيو ته اسلام آباد تي سمورن صوبن جو حق آهي سمورن صوبن کي ٿورو ٿورو حصو وجهڻ گهرجي، نعميه ڪشور خان چيو ته اسلام آباد ۾ سمورن صوبن جا ماڻهو رهن ٿا، ڪوٽا مختص ڪرڻ سان مثبت بدران خراب اثر پوندا، پهرين منظور ٿيندڙ قراردادن تي عملدرآمد جي صورتحال جي باري ۾ به ٻڌايو وڃي. عبدالستار بچاڻي چيو ته اسلام آباد ۾ نوڪريون ڪندڙ ماڻهو وڌيڪ آهن، اسلام آباد جي لاءِ خيبرپختونخوا ۽ پنجاب کان ڪوٽا ورتي وڃي، ذاتي وضاحت واري نڪتي تي عبدالرشيد گوڊيل چيو ته حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪنداسين، اسان کي سچي ڳالهه تسليم ڪرڻ گهرجي، سڀ ڪراچي ۾ رهندا آهن جڏهن ضرورت پوندي ته ميرپور جو ڊومياسائيل ٺاهرائي وٺندا آهن، اسان غريب جي سهولت لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، عبدالستار بچاڻي چيو ته ڪراچي جي آبادي پنجاب، خيبرپختونخوا ، بلوچستان سميت مهاجرن تي ٻڌل آهي، شيريار آفريدي چيو ته چئني صوبن جو حق هڪجهڙو هجڻ گهرجي، جيڪڏهن ائين نٿو ٿي سگهي ته اوپن ميرٽ هجڻ گهرجي، لالچند اسد عمر جي قرارداد جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته ڪوٽا سسٽم تي قانون تحت عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، اسد عمر چيو ته مون ڪا نئين ڪوٽا سسٽم الاٽ ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، سمورن صوبن جو نوڪرين ۾ حصو آهي، اسلام آباد جي لاءِ ڌار حصو نه آهي، اسلام آباد جي نوجوانن جو پراڻو مطالبو آهي، هن چيو ته پنجاب سروس ڪميشن ۾ اسلام آباد جي نمائندگي به نه آهي، ووٽن جي تناسب سان به هي مسئلو حل ڪري سگهجي ٿو، آدم شماري جو انتظار نه ڪيو وڃي، منطقي ڳالهه هي آهي ته اسلام آباد کي پنجاب جي ڪوٽا مان حق ملڻ گهرجي، اسلام آباد جي عوام جي حقن جي لاءِ ڪوئي فورم نه آهي، قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد آئين جي آرٽيڪل 27 (1) جو حوالو ڏيندي چيو ته بنيادي اصول ته اهو ئي آهي ته مقرريون ميرٽ تي هجڻ گهرجن، 2007ع کان هي ڪوٽا سسٽم اچي رهيو آهي، اسلام آباد جا شهري پنجاب جي 50 سيڪڙو ڪوٽا تحت درخواستون ڏئي سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪوٽا مختص ڪيو ويو ته انهن سان زيادتي ٿيندي، بهتر آهي ته ڪميٽي جوڙي فيصلو ڪيو وڃي ۽ ان معاملي کي ڪابينا ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، اسپيڪر قرارداد ڪابينا سيڪريٽريٽ جي ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏي.