مودي سرڪار والاريل ڪشمير جي حوالي سان پاڪستان تي دٻاءُ وڌائڻ چاهي ٿي: سائره افضل تارڙ

مودي سرڪار والاريل ڪشمير جي حوالي سان پاڪستان تي دٻاءُ وڌائڻ چاهي ٿي: سائره افضل تارڙ

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) قومي صحت واري مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ چيو آهي ته پاڪستان موجوده صورتحال تي تحمل جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، مودي سرڪار والاريل ڪشمير جي حوالي سان پاڪستان تي دٻاءُ وڌائڻ چاهي ٿي، اسان جي تحمل جي مظاهري کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ڀارتي ارادن تي موجوده صورتحال ۾ تحمل جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، ڪنٽرول لائين تي ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو جڏهن ته اسان جي ڀارتي هٿياربند فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهي. مودي سرڪاري ڪشمير جي حوالي سان پاڪستان تي دٻاءُ وڌائڻ چاهي ٿي پر پاڪستان اهڙي طرح جي سازشن کي منهن ڏيڻ ڄاڻي ٿو. اي پي پي/ش – چ/ر – م17:13