سڀ کان وڏي جمهوري ملڪ جي دعويدار ڀارت جي دهشتگردي جو دنيا نوٽيس وٺي: رياض حسين پيرزاده

سڀ کان وڏي جمهوري ملڪ جي دعويدار ڀارت جي دهشتگردي جو دنيا نوٽيس وٺي: رياض حسين پيرزاده

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 29ستمبر 2016ء) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته سڀ کان وڏي جمهوري ملڪ جي دعويدار ڀارت جي دهشتگردي جو دنيا نوٽيس وٺي. هن ڪالهه خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت پوري دنيا ۾ هن وقت سڀ کان وڏو جمهوري ملڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، پر ان جو اصل روپ هي آهي ته ڪشمير ۾ معصوم شهرين، عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن تي هٿياربند فوج جي ذريعي تشدد ۽ بربريت جو آهي، دنيا ڀارت جي انهن ظلمن تي ان جي خلاف ڪارروائي ڪري. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، ڀارت طرفان ڪشميرين تي هي ظلم ۽ ڏاڍ ڪنهن دهشتگردي کان گهٽ نه آهي، مهذب دنيا نريندر مودي جي ان دهشتگردي جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشي کي فوري بند ڪرائي. اي پي پي/ش – چ/ر – م 17:10